ٺٽي ۾ 11 جوابدار گرفتار، قرآن تي هٿ رکي ڏوهن کان توبهه

ٺٽي ۾ 11 جوابدار گرفتار، قرآن تي هٿ رکي ڏوهن کان توبهه

ٺٽو (رپورٽر) ڪينجھر ٿاڻي جي حد ۾ ٿيندڙ موٽر سائيڪل ڦ ، چوري ۽ ٻين ڏوھي وارداتن ۾ ملوث 11 جوابدارن ، ڳوٺ جي مسجد ۾ ، ڳوٺاڻن ۽ حد جي پوليس جي موجودگيءَ ۾ پاڪ ڪتاب تي ھٿ رکي ڏوھن کان توبهه ڪري ڪو ڏوهه نه ڪرڻ جو وچن ڪري ڇڏيو، ٺٽي جي ڪينجھر ٿاڻي جي حد ڪينجھر ڍنڍ ۽ چليا جي مختلف ڳوٺن ماڊل وليج ڳوٺ رمضان ميربحر ۽ ڳوٺ مبيارڪ شورو جي 11 رھواسي نوجوان ڳوٺاڻن عبدالوحيد پٽ عبدالستار شورو ، توحيد پٽ عبدالستار شورو ، ظفر علي محمد شورو ، معشوق علي عرف ھٿوڙو پٽ پٺاڻ ملاح ، محمد علي عرف ٻالڪو پٽ  مامون ملاح ، ڪامران پٽ  دوست محمد شورو ، عرفان پٽ دوست محمد شورو ، اصغر علي پٽ دوست محمد شورو ، ڪوڪي عرف علي اصغر پٽ گل شير شورو، الھڏنو عرف ڇاٻوڙو پٽ  مينھن ڏنو شورو ۽ صابر پٽ ڪمال الدين شورو ڳوٺ جي مسجد ۾ اچي پاڪ ڪتاب تي ھٿ رکي  ڪنھن ڏوھ نه ڪرڻ جو قسم کڻي ورتو ، ڏوھن نہ ڪرڻ جي قسم کڻندڙ نوجوانن چيو آھي تہ ھو اڄ کانپوءِ ڪنھن بہ قسم جي چوري ، ڦر يا ڪو بہ اھڙو ڏوھي ڪم نہ ڪندا ۽ نہ ئي وري ان ڪم جي سپورٽ ڪندا جڏھن تہ ھنن پڻ پوليس تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪندي ايس ايس پي ٺٽو، سيشن جج ٺٽو، ايس ايڇ او ڪينجھر ۽ ٻين وس وارن کي خاطري ڪرائيندي چيو آھي تہ ھو محنت مزدوري ڪري حق حلال جي روزي ڪمائي کائيندا ۽ ڪڏھن بہ ھاڻي ڪو غلط ڪم نہ ڪندا ھنن ايس ايس پي ٺٽو کي بہ اپيل ڪئي تہ ھو سندن سرگرمين جو ڀلي جائزو وٺي، پر ايئن نه ٿئي ته اڳتي ھلي مٿن وري ڪو ڪوڙا ڪيس وغيرہ داخل ڪري کين ھٿ ٺوڪين ڪيسن ۾ ڦاسايو نه وڃي