“ٺپا لڳل بيلٽ پيپر هٿ”: ڪراچي بار جون چونڊون ٻيهر ملتوي: آفيس کي تالا:  احتجاج

“ٺپا لڳل بيلٽ پيپر هٿ”: ڪراچي بار جون چونڊون ٻيهر ملتوي: آفيس کي تالا:  احتجاج

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون چونڊون ڌانڌلين جي الزامن بعد ٻيهر ملتوي، وڪيلن جو احتجاج: آفيس کي تالا لڳايا ويا، ڪالهه  سٽي ڪورٽ ۾ جاري پولنگ عمل دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز مان ٺپا لڳل بيلٽ پيپر هٿ اچڻ بعد اليڪشن ڪمشنر پولنگ عمل روڪي ڇڏيو، بيلٽ پيپر هٿ اچڻ بعد وڪيلن ۽ اميدوارن سٽي ڪورٽ ۾ سخت احتجاج ڪيو، عامر وڙائچ گروپ، جي ايم ڪورائي گروپ ۽ ارشد شر گروپ جي وڪيلن  هڪ ٻئي تي ڌانڌلين جا الزام هڻي نعريبازي ڪئي، وڪيل اڳواڻن چيو ته الڪيشن ڪمشنر ڪراچي بار جون  شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي  ويو آهي، جمهوري عمل رڪجڻ نه گهرجي، ڪراچي بار جون شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، جڏهن ته ٺپا لڳل بيلٽ پيپرن واري عمل ۾ ملوث ماڻهن کي بي نقاب ڪري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي،  هوڏانهن سنڌ بار ڪائونسل چونڊ ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪمشنر عبدالستار لهراڻي موجب ڪراچي بار جون چونڊون اڻٽر حالتن سبب ملتوي ڪيون ويون آهن، ڪنهن به فرد خلاف بي ضابطگين ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت مليا ته انڪوائري بعد ڪارروائي ڪئي ويندي،نوٽيفڪيشن موجب چونڊن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، هوڏانهن سنڌ بار ڪائونسل جي آفيس آڏو وڪيلن جو ڌرڻو هنيو، عهديدار آفيس کي تالا لڳائي هليا ويا، هوڏانهن جنرل سيڪريٽري جي اميدوار ارشد شر چيو ته ڪراچي بار جون چونڊون ٻيهر ملتوي ٿيڻ افسوسناڪ آهي، مافيائون اليڪشن نه ٿيون چاهين، پولنگ کان اڳ بيلٽ پيپرز ٽڪ ٿيڻ ۽ ٻاهر اچڻ جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، وڪيل اڳواڻ سرفراز ميتلو  عامر وڙائچ گروپ تي سنگين الزام هڻندي چيو ته ڪراچي بار جي موجوده اڳواڻن سازش تحت چونڊون ملتوي ڪرايون، هن چيو ته ڪو به ماڻهو ڪنهن جي نالي تي ٽڪ ڪري بيلٽ پيپر ٻاهر کڻي اچي سگهي ٿو، پولنگ دوران ٽڪ ٿيل بيلٽ پيپرز ٻاهر آڻڻ واري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ڪراچي بار جي موجوده باڊي اڳ به سازشون ڪري چونڊون ملتوي ڪرائيندي رهي آهي، وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري چيو ته ڪراچي بار جي اليڪشن ملتوي ٿيڻ وڪيلن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش آهي، ڪجهه ڌريون چاهين ٿيون ته وڪيل هڪ ٻئي کي ڪوٽ کان وٺي گهلڻ شروع ڪن، آئون سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جو ميمبر آهيان پر اها به حڪومتي لڏي جي پاسي بيٺل آهي.