ٺڪراٺي ويجھو زمين مان مٽي کڻڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

مارچ 23, 2025

ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺو ويجھو آبادگار ڳوٺاڻن پاران روڊ جي تعميراتي ڪم دوران ڪرين مشينن ذريعي زمينن تي پوکيل مان مٽي کڻڻ اونا کڏا کوٽڻ تي ٺيڪيدار خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وس وارن نوٽيس وٺڻ جي گهر خبرموجب ٺڪراٺو خانپور مهر روڊ جي ترقياتي ڪم دوران زمين تي پوکيل فصل مان مٽي کڻڻ ۽ زمين ۾ ڪرين ذريعي وڏا کڏا کوٽڻ خلاف مقامي ڳوٺاڻن جو ٺيڪيدار خلاف احتجاج احتجاج ڪندڙن فقير محمد سومار مھر منور علي سونو لال بخش عبدالسميع خالق ڏنو جھنگل مھتم ۽ ٻين دانھيندي الزام لڳائيندي چيو آھي ته تازو ٺڪراٺو کان خانپور مھر تائين ٺھندڙ مين روڊ جي ڪم دوران ٺيڪيدار ڪرين مشينن ذريعي اسانجن زمينن ۾ وڏا کڏا ھڻائي روڊ کان 50 فوٽن تائين مٽي کڻائي رھيو آھي جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي آھي .

Leave A Comment