مبارڪپور( ن پ ا) ٺڪراٺي ۾ چوري جي واردات شهرين کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو
چور صدورو مھر جي دڪانن جا تالا ٽوڙي سامان ٻاھر ڦٽو ڪري ويا، پيل روڪ رقم کڻڻ بدران ٽيبل تي رکي ويا
واپاري صدورو مهر ٻڌايو ته تعجب ڏياريندڙ واردات ڪئي آهي هن چيو ته دڪان مان يو پي ايس ۽ بيٽري ڪڍڻ باوجود کڻڻ بدران ٻاهر ڦٽي ڪري ويا آهن
هن چيو ته منهنجي دڪان جي خاني ۾ پيل 3 هزار 5 سئو رپيا خاني مان ڪڍي ٽيبل تي وٽ هيٺان رکي ويا آهن جيڪا ڪارروائي سمجهه کان ٻاهر آهي
اطلاع تي پوليس پهچي دڪان مالڪ کان تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته چورن جي ڪارروائي جو مقصد سمجهه ۾ نه پيو اچي پر ڏوهه ٿيو آهي ملوث ماڻهن کي جلد سوگهو ڪيو ويندو