| ٺڪراٺي ۾ گهر کي باهه، ننڊ ستل معصوم ٻارڙو سڙي فوت |
ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي جي ريگستاني علائقي ڳوٺ اڪڙي پٽ ۾ پورھيت جي گھر کي چلھه مان چڻنگ ااٿڻ سبب باھه وڪوڙي وئي، باھه لڳڻ سبب گھر ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو، جڏهن ته ننڊ ستل 8 ورھين جو ٻارڙو به سڙي فوت ٿي ويو، پورهيت محمد حيات راڄڙ جي گهر کي باهه لڳڻ سبب 8 ورھين جو ٻارڙو صدورو پٽ محمد حيات راڄڙ فوت ٿي ويو، پورهيت جو چوڻ هو ته ٻني تي ڪم ڪار جي لاءِ ويا هياسين ته گهر کي چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب باھه لڳي وئي، جنھن ۾ ننڊ ستل ٻارڙي سميت سمورو الھه سڙي رک ٿي ويو آھي.