Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_nk27lhpbnn5vgtk2omo81cefo1, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ٻارن تي والدين جو فرض..!!...ڪيلاش ميگھواڙ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ٻارن تي والدين جو فرض..!!...ڪيلاش ميگھواڙ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

ٻارن تي والدين جو فرض..!!…ڪيلاش ميگھواڙ

سچ ته اھو آھي اڄڪلهھ جي ڊڪ ڍوڙ ۽ چھچٽا زندگي ۾ طرز طور طريقا بدلجي ويا آھن. دنيا گلوبل وليج بڻجي چُڪي آھي ۽ ماڻھن جي ھڪٻئي سان شناسائي ٿيڻ جيترو ٽائيم باقي ناھي بچيو! اُتي اسان کي اول پنھنجن ٻارن تي سوچڻ لازمي آھي،ڪجهھ مھم جوئي ڪم کان پاسيرو بيھي سٺي سوچ سان تربيت جي مامري تي ڳالھائڻ انتھائي لازمي بڻجي چڪو آھي. ٻارڙن جي بھترين تعليم ۽ تربيت بابت ڪيترائي والدين پريشانين حوالي ٿي ويندا آھن،اھي چاھيندا آھن ته ٻار کي ڪيئن سٺو بڻائي سگھن،ڪين ڪري بھتر لاڙن وارو بڻائي سگھجي.خوشبودار عادتن، ويجھڙائپ ۽ ڀلوڙ خاصيتن جو مالڪ ڪيئن بڻائي سگھجي ٿو. اھا به ڳالھه نوٽ ڪئي ڪئي وئي ته ھرڪو والدين چاھيندا آھن ٻار انتھائي حساس،فرمانبردار ۽ نيڪ تميز وارو ھجي پر اھو ائين ٿيندو ناھن!
بنيادي طور تي ھر ٻار خامين خوبين جو حصو ھوندو آھي،ڪنھن ٻار ۾ ڪيتريون خوبيون آھن، ڪنھن ۾ ڪيترا لڇڻ آھن، ڪنھن ۾ ڪيترا عيب ھوندا آھن،اھو سڀ فطرتي طور جا گھرجائو آھن بلڪل والدين جو به اثر مٿس پئجي ٿو. گھڻا ٻار ٽيلنٽ ۽ چست لڳندا آھن جيڪو ڳالھائڻ کان وٺي تخليقي عمل تائين وڏي ليول تي پاڻ مڃرائيندا آھن انھن جا والدين ڏاڍا خوش نظر ايندا آھن،اھي ٻارن کي حوصلي سميت منفرد رخ ڏيندي داد طلب رھيا آھن! ٻارن ۾ آيل ورتاءُ,خاصيتن ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ کان وٺي ھر جاءِ ھر سطع اسٽيج تي سٺا رويا شيئر ڪرڻ تائين ردعمل نواڻ پسند ٿي ويندو آھي ۽ اتي والدين جو فرض ٿئي ٿو ته اُھي ٻارن جا حوصلا شڪني ڪرڻ بجاءِ حوصلا افزائي جو رجحان وٺي جيئن ٻارن جي دماغن تي منفي اثر آواره نه ٿئي! والدين کي نرمائي نھٺائي وارو ماحول ضرور اپنائڻ گھرجي ۽ سازگار لمحن ۾ گڏ رکي خوشيون وڍن. ڌڙڪا داٻا به ڪنھن سطع تي سھي جائز آھي پر وري سگھوئي سرچائڻ وارو اسٽال ھڪيو حاضر ھجي ائين، اھو ئي ٻار اڳيان اڳيان نيارو نظر ايندو! ڪڏھين ڪڏھين والدين ھر ٻار کي خودغرض ۾ ھڪجھڙائي رکندا رھيا آھن اھا توقع ايتري حاوي نه رکڻ گھرجي، منھنجي خيال سان اھو ضرور آھي ته اسان ٻار جي بنيادي پيچيده نفسيات کي سمجھون ۽ ان مطابق ٻار جي رھنمائي ۽ ھمت افزائي جي نج معني رکون. والدين جا ٻارن تي ۽ ٻارن جا والدين تي انتھائي گھڻا فرض آھن انھن کي ڀرپور نڀائڻ گھرجي!
دنيا ۾ جڏھن انسان اک کولي ٿو ته بلڪل اڻ سمجھه ۽ بي خوف ھجي ٿو،دنيا جي ڪابه طاقت ھيسائي ۽ ڊيڄاري نٿي سگھي ان ٻار جي نئين زندگي کي. پوءِ جئين وڏو ٿئي ٿو ائين سمجھه ۽ شعور پرک پوندي آھي، جڏھن ٻار بلڪل بالغ ٿي وڃي ٿو اُتي سوچ ۾ ڦيرو اچي ٿو ۽ دماغ ۾ نوان نوان دليل جاڳندا آھن.اُٿڻ ويھڻ،کائڻ پيئڻ،گھمڻ ڦرڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ تائين مطلب ته ھر طرح جي تبديلي نمايان نظر لائق بڻجندي رھندي آھي، والدين جي اک ۾ اھا چرپر به ڏسڻ ايندي آھي!والدين کي گھرجي ته ماڻڪ موتي ڀريا ٻول ۽ نصيتن جا سٺا گُڻ ٻارن کي ٻڌائڻ گھرجي….
علم سان پيار منھنجو آ,قلم ھٿيار منھنجو آ,
ڪري حاصل علم سمجھ,ڄڻ سنسار منھنجو آ.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *