ٻارن جي اغوا بابت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان تفصيل طلب: جامع ڊيٽا تيار ڪرڻ جو حڪم

ٻارن جي اغوا بابت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان تفصيل طلب: جامع ڊيٽا تيار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻارن جي اغوا بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان ٻارن جي صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ڪيترا ٻار خيرات گهرن ٿا، ڪيترا ٻار مزدوري ڪن ٿا. ان حوالي سان مڪمل ۽ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته حڪومت کي ٻارن بابت جامع ڊيٽا تيار ڪرڻ گهرجي.ٻارن کان جبري پورهيو ڪرايو پيو وڃي، 8 کان 10 سالن جا ٻار سرعام مزدوري ڪندي نظر اچن ٿا. ٻارن کي پنرائڻ وارا ٺيڪيدار پئسا ڪمائين ٿا، پر عدالت جو مقصد ٻارن کي گرفتار ڪرڻ ناهي. 25 سال اڳ ڪراچي ۾ اهڙي مهم دوران پوليس ٻارن کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته مزدوري ڪندڙ ٻارن جون به پنهنجون مجبوريون هونديون آهن. عدالت حڪومت کي چيو ته ٻارن لاءِ شيلٽر هوم قائم ڪيا وڃن، جتي کين رهائش سان گڏ مختلف هنر ۽ روزگار لائق مهارتون پڻ سيکاريو وڃن. درخواستگذار زينب الرٽ بابت رڪارڊ طلب ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته اڃا تائين نياڻين جي اغوا جي واقعن ۾ ڪا واضع گهٽتائي ناهي آئي. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان تفصيلي رپورٽون طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن مهينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.