ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ٻارڙن جي حفاظتي ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ والدين کي سزا ملندي
گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري سنڌ ايمونائزيشن اينڊ ايپيڊ مڪس ڪنٽرول ايڪٽ تي صحيح ڪري ڇڏي
ٻارڙن جي حفاظتي ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ والدين کي هڪ مهينو قيد ۽ 50هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي
جڏهن ته ايمونائزيشن جي خلاف پروپيگنڊه ڪرڻ تي ڇهه مهينا قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي
سنڌ اليڪٽرانڪ ايمونائزيشن رجسٽري به قائم ڪئي ويندي، رجسٽري ۾ ويڪسينيشن جي داخل ڪرڻ کانسواءِ برٿ سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيو ويندو