ٽڪنالاجيز تي پابنديون مڙھڻ ممڪن ئي ناھي. ھڪ دؤر جي پابندي ايندڙ دؤر ۾ ھٽي وڃي ٿي ۽ وڏي ڳالھ تہ پاڻمرادو ھٽي وڃي ٿي. ايشيا جي مھا آمر ۽ پاڪستان تي يارنھن سالن کان وڌيڪ پنھنجيون مرضيون ھلائيندڙ جنرل ضياء الحق ڀارتي فلمن، ٽي وي ناٽڪن، وي سي آر تي بہ پابندي لڳائي ھئي ۽ ايتري تائين جو پي ٽي وي ۽ پاڪستان فلمي صنعت کي بہ غير اسلامي تھذيب جي يلغار چئي پابنديون لڳايون. غور ڪيو وڃي تہ ھن پاران جنھن تھذيب کي ملڪ دشمن ۽ غير چيو ويو، اڄ اھا سوشل ميڊيا ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس (ھٿرادو ذھانت) جي شڪل ۾ ھر گھر ۽ وقت جي ھر حڪومت جي وڏي ضرورت بڻيل آھي. اڄ جي جديد دؤر ۾ سوشل ميڊيا ٽيڪنالاجي واري ذمري مان نڪري اسان جي روزمرھ جي سرگرمين ۾ شامل ٿي وئي آهي ۽ ھاڻي اسان جي معمولات جو روپ وٺي وئي آھي. جڏھن تہ ھٿرادو ذهانت تيزي سان دنيا کي تبديل ڪري رهي آهي. ٻين کيترن کي ڇڏي صرف ٻاراڻي تعليم ۽ تربيت تي ھنن جي ناڪاري ۽ ھاڪاري اثرن تي ڳالھايون تہ اسان کي گھڻو ڪجھ اھڙو معلوم ٿي ويندو. ٻارن جي سکيا، تفريح ۽ سماجي رابطن ۾ ھنن جو استعمال وڌي رهيو آهي. پر پاڻ صرف ھٿرادو ذھانت جي خوبين ۽ خامين تي ڳالھ ٻولھ ڪنداسين. ھٿرادو ذھانت جي ايپس ۽ ٻين کوڙ ذھين ٽولز جي ذريعي ٻار مشينن کان سوال پڇن ٿا. معلومات حاصل ڪن ٿا. ساڳي طرح سان ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي پڙهائي جي لاءِ بہ مدد حاصل ڪن ٿا. هن صورتحال ۾ هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو تہ ڇا ٻار ھٿرادو ذهانت سان اهڙي ريت مناسب ۽ ضرورت آڌار سکڻ جي قابل بڻجي سگھن ٿا، جيئن اھي استادن، دوستن ۽ مٽن مائٽن سان رابطو رکڻ مان يا ماحول مان سکندا آهن؟ تحقيقون ٻڌائين ٿيون تہ ٻار ھٿرادو ذهانت مان سکڻ جي نہ صرف قابل بڻبا آهن پر اھي پنھنجي وقت ۽ توانائين جو بھترين استعمال ڪرڻ سان گڏ معاشري جي لاءِ ڪارآمد بہ بڻبا آھن. خاص طور تي جڏهن ھٿرادو ذھانت جي ٽولز کي عين ٻارن جي عمر ۽ سکيا ضرورتن کي آڏو رکي تيار ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ھٿرادو ذھانت جو گھربل آڌار (ڪو) ذهين سرشتو ٻارن سان گڏ ڪهاڻيون پڙهي ۽ وچ ۾ ٻارن کان سوال پڇي تہ ٻارن جي ڄاڻ، سمجھ ۽ لفظي- کاڻ (لفظن جو ذخيرو) واريون صلاحيتون بھتر ٿي سگھن ٿيون. ھن قسم جي رابطي سان ٻار ڪهاڻيءَ جي ڪردارن، مسئلن ۽ نتيجن بابت سوچڻ لڳن ٿا. ھي سرگرميون سکيا جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائين ٿيون.
تحقيقن مان ھي پڻ معلوم ٿئي ٿو تہ تعليم جي اھڙي رابطي سان ٻار ايترو ئي سکي سگهن ٿا، جيترو هو ڪنهن انسان يا ماحول سان رابطا رکڻ سان سکندا آهن. ڪجھ تحقيقن ۾ ھي ڳالھ چٽي نموني سان سامھون آئي آھي: ھٿرادو ذهانت انساني ۽ ماحول سان رابطن جي مڪمل جاءِ نٿي وٺي سگهي. انسان سان گفتگو دوران ٻار وڌيڪ سوال پڇن ٿا. پنهنجا خيال ظاهر ڪن ٿا. گفتگو کي پنهنجي خواھش ۽ مرضي مطابق اڳتي وڌائين ٿا. اهڙي قسم جو قدرتي رابطو ٻارن جي ٻولي، سوچ ۽ سماجي مهارتن جي ترقي لاءِ تمام گھڻو ضروري هوندو آهي. ھٿرادو ذهانت اهڙي گهريَ، جذباتي ۽ سماجي رابطي کي مڪمل طور تي مهيا ڪرڻ جي قابل اڃان تائين ناهي ٿي. ھٿرادو ذهانت سان ٻارن جي رابطن بابت گھڻا خدشا بہ موجود آهن. جڏهن ٻار ھٿرادو ذھانت وارن ٽولز سان رابطي ۾ اچن ٿا تہ ڪڏهن ڪڏهن اھي ادب ۽ مھذب پڻي وارا لفظ استعمال ڪرڻ کان يا تہ لوائيندا آھن يا مورڳو ئي وساري ڇڏين ٿا. مثال: جڏھن اھي پنھنجي استاد يا وڏي کان سوال ڪندا تہ ادب ۽ آداب سان ڪندا ۽ پوري سرگرمي دوران احترام ۾ رھندا پر مشين سان رابطي ۾ اھي بلڪل ڪورا ۽ غير محسوس رھندا. مشيني مدد حاصل ڪرڻ، جڏھن سکيا سرگرمي مان ڦري عادت جي صورت وٺي وڃي ٿي تہ ممڪن آھي تہ اھا نشي جھڙي لت جي شڪل اختيار ڪري وڃي ۽ ٻارن جي سماجي روين واري حقيقي دنيا کي غير حقيقي بڻائي ڇڏي. اھڙي طرح سان ھن قسم جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ٽيڪنالاجي ڪمپنين ڪجھ اهڙيون خاصيتون ضرور متعارف ڪرايون آهن، جيڪي ٻارن کي مهذب انداز سان سوال پڇڻ ۽ ڳالهائڻ جي تربيت بہ ڏين ٿيون. بردباري جھڙن جذبن ۽ انساني احساسن کي بہ اوسر ڏين ٿيون. ٻيو اهم مسئلو معلومات جي صحيح رسائي ۽ سچائي جو آهي. ھٿرادو ذهانت بي شمار معلومات مهيا ڪري ٿي، ڪو شڪ ناھي پر ڪڏهن ڪڏهن اها غلط رخ ڏانھن بہ سفر ڪرائي سگھي ٿي. ٻارن لاءِ اهو سمجهڻ گھڻو ڏکيو ٿي سگهي ٿو تہ ڪهڙي معلومات صحيح آهي ۽ ڪهڙي غلط. تنهنڪري، ماهرن جو خيال آهي تہ ٻارن کي ھٿرادو ذھانت واري خواندگي (ايَ آئي لٽريسي) بابت ڄاڻ ڏيڻ بہ ضروري آهي. ھن سان ٻار سکندا تہ ھٿرادو ذھانت جا فائدا ۽ نقصان ڪھڙا آھن. حدون ڪيتريون ۽ استعمال ڪيترو ڪرڻ گھرجي يا ھٿرادو ذھانت جي مدد سان حاصل ڪيل معلومات کي تنقيدي نظر سان ڏسجي يا نہ. جواب ۾ سوال: ”ڇو؟“ ھجي تہ ان تي ضرور سوچڻ گھرجي.
اسڪولن جي انتظاميائن، استادن ۽ والدين جو ڪردار هن سلسلي ۾ گھڻو اهم ٿي وڃي ٿو. انهن کي گهرجي تہ ٻارن کي ھٿرادو ذهانت کي هڪ ٽول طور استعمال ڪرڻ سيکارين، نڪي ڪنھن انساني رابطي جي متبادل طور. ھن ڳالھ کان انڪار نہ ڪرڻ گھرجي تہ اڄڪلھ ھٿرادو ذھانت کانسواءِ اسان جي ٻارن جو تعليمي سفر ائين اڌورو ۽ اڻپورو آھي، جيئن اسان واري ٽھي لاءِ رياضي کي ڪيلڪيوليٽر ۽ انجنيئرنگ کي ڪمپيوٽر کان بغير پڙھڻ اڌورو ھو. جڏهن ٻار ھٿرادو ذھانت استعمال ڪرڻ جي قابل بڻجي وڃن تہ والدين ۽ استاد بہ انهن سان گڏ بحث ۽ گفتگو ڪن. ائين ڪرڻ سان ٻار سکيا جي عمل ۾ وڌيڪ سرگرم رھندو ۽ ضابطي ۾ بہ رھندو. ھٿرادو ذهانت جديد دؤر ۾ ٻارن جي سکيا ۽ سماجي ترقي لاءِ هڪ اهم ۽ ڪارآمد ٽول طور سامهون آئي آهي. اها صرف سکيا کي سولو، تيز ۽ دلچسپ نٿي بڻائي پر ٻارن کي نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا بيشمار موقعا پڻ فراهم ڪري ٿي. خاص طور تي، جڏهن هن ٽيڪنالاجي کي ٻارن جي عمر ۽ ذهني سطح جي عين مطابق تيار ۽ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھي ٻارن جي تخليقي صلاحيتن، تعليمي مسئلن کي حل ڪرڻ جي مهارتن ۽ لفظي-کاڻين کي وڌائڻ ۾ مددگار پڻ ثابت ٿئي ٿي. تنهن هوندي بہ، ھٿرادو ذهانت انساني رابطن جو مڪمل متبادل نٿي بڻجي سگهي. ٻارن جي جذباتي، سماجي ۽ اخلاقي تربيت لاءِ ھنن جو استادن، والدين، ساٿين ۽ سماج سان سڌو رابطو بھرحال انتهائي ضروري آهي. ان سان گڏ غلط معلومات، غير مهذب لهجي ۽ حد کان وڌيڪ استعمال جهڙا خدشا ۽ خطرا بہ بھرحال موجود آهن. تنھنڪري، ان کان بچڻ لاءِ شعور ۽ رهنمائي جو ھجڻ پڻ لازمي امر آهي. آخر ۾ بس ايترو تہ ھي گھڻو ضروري آهي تہ والدين، استاد، تعليمي ادارا ۽ سماج گڏجي ٻارن کي ھٿرادو ذهانت جو متوازن ۽ ذميوار استعمال ڪرڻ سيکارين. جيڪڏهن هن ٽيڪنالاجي کي انساني قدرن ۽ روايتي سکيائن سان گڏ استعمال ڪيو وڃي تہ بغير ڪنھن شڪ ۽ وھم و گمان جي ھي ٻارن جي روشن مستقبل ۽ پائيدار سماجي ترقي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراھم ڪري سگهي ٿي. ھٿرادو ذهانت ٻارن جي سکيا لاءِ هڪ قيمتي اوزار ثابت ٿي سگهي ٿي. بس احتياط ۽ سمجھداري سان استعمال ڪرڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ھٿرادو ذھانت کي انساني رابطن سان گڏوگڏ استعمال ڪيو وڃي تہ اھا ٻارن جي تعليمي سفر ۽ سماجي ترقي لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي.