| ٻارن جي وڏي اسپتال اين آءِ سي ايچ مسئلن جو شڪار، ملازمن جو سربراهه تي اعتراض، سيڪريٽري کي خط |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ٻارڙن جي بيمارين واري وڏي اسپتال اين آءِ سي ايچ انتظامي مسئلن جو شڪار، اسپتال جي 45 کان وڌيڪ ملازمن پاران اداري جي سربراھ جي مقرري تي اعتراض، ملازمن گڏيل طور تي سيڪريٽري صحت کي خط لکي اين آءِ سي ايچ جي سربراھ جي مقرري تي سوال اٿاريندي کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ملازمن جي گڏيل خط کان پوءِ صحت کاتي پاران جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي جاچ هلندڙ، ملازمن پاران انڪوائري ڪميٽي اڳيان اسپتال جي بجيٽ، خرچن، مشينري جي خريداري سميت مبينا طور تي بِنا ٽينڊر جي تعميراتي ڪم واري منصوبن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ ٻارڙن جي بيمارين واري سڀ کان وڏي اسپتال اين آءِ سي ايچ ۾ اداري جي سربراھ سليم سڊل ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف سميت ٻين ملازمن وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، اداري جي ملازمن پاران مقرر ٿيل ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سليم سڊل خلاف صحت کاتي جي سيڪريٽري کي ڪجهه ڏينهن اڳ خط لکيو ويو هو، خط ۾ اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سليم سڊل جي مقرري تي سوال اٿاريندي چيو ويو ته سليم سڊل يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جو ملازم آهي، قانوني طور تي هُو اين آءِ سي ايچ ۾ سربراھ طور مقرر نه ٿو ٿي سگھي، ان ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي. خط ۾ لکيو وي هو ته عدالتي فيصلي ۾ واضح آهي ته ٽيچنگ ڪيڊر جي ڪنهن به شخص کي انتظامي عهدي تي مقرر نه ٿو ڪري سگھجي. ان حوالي سان اين آءِ سي ايچ جي ملازم ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻ اعجاز ڪليري “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي بجيٽ بوڪ ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيوسٽي جي پروفيسرن جي بجيٽ بوڪ ۾ ڪا به سيٽ موجود ناهي، ان باوجود سنڌ سرڪار غلط طريقي سان سليم سڊل کي ڪيتري ئي وقت کان ڊيپوٽيشن جي بنياد تي سربراھ واري انتظامي پوسٽ تي مقرر ڪيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سال 2011_12 کان وٺي ملازمن جو ترقيون رُڪيل آهن. واضح رهي ته ملازمن جي اهڙي خط کان پوءِ صحت کاتي جي اختيارين پاران اين آءِ سي ايچ معاملي تي اسپيشل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي. جاچ ڪميٽي پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
اسپتال ۾ ڪا سهولت ناهي، مريض گوري به ٻاهران وٺن ٿا، دوائن جي خريداري به غيرقانوني طور ٿئي ٿي: ملازم
ڪراچي: اين آءِ سي وي ڊي ملازم اڳواڻ اعجاز ڪليري وڌيڪ چيو آهي ته اين آءِ سي ايچ ۾ داخل ٿيندڙ يا او پي ڊي ۾ چڪاس لاءِ ايندڙ مريضن جي وارثن لاءِ اسپتال ۾ ڪا به سهوليت موجود ناهي. دوائون به مريضن جا وارث ٻاهران گھرائن ٿا. ان سان گڏوگڏ اسپتال ۾ دوائن جي خريداري، ٽينڊر سميت قانون جي ابتڙ مختلف منصوبن جا ٽينڊر ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته ملازمن اهو فيصلو ڪيو آهي ته سمورن معاملن بابت انڪوائري ڪميٽي اڳيان پيش ٿي کين ثبوت حوالي ڪنداسين.
اربن جي بجيٽ هوندي مريضن جي ويهڻ جو بندوبست به نه ٿيو
ڪراچي: اين آءِ سي ايچ ۾ اربين روپين جي بجيٽ باوجود داخل مريضن جي وارثن جي ويهڻ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ٿيل ناهي! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته اين آءِ سي ايچ اسپتال ۾ هر سال اربين روپين جي بجيٽ مختص ٿيل آهي. پر ان باوجود مريضن کي دوائون نه ملڻ جون شڪايتون رهنديون آهن. ان سان گڏوگڏ اسپتال ۾ بيمار ٻارڙن جي تيماداري لاءِ ايندڙ سندن وارث ڪيترائي ڏينهن اسپتال اندر گذارين ٿا پر سندن ويهڻ ۽ رهڻ لاءِ ڪي انتظام ناهن. جنهن ڪري مريضن جي وارثن کي سخت ڏکيائي پيش اچي ٿي.
اين آءِ سي ايچ جي اسٽور مان چوري، ايئرڪنڊيشن، پکو، دوائون چوري ٿي ويون
ڪراچي: اين آءِ سي ايچ جي اسٽور مان چوري جي واردات، ٿي آهي. چور اسپتال جي اسٽور مان ايئرڪنڊيشن، تالو ٽوڙي پکو، ايئرڪنڊيشن ۽ دوائون چوري ٿي ويون، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته 2 ڏينهن اڳ اين آءِ سي ايچ جي اسٽور جا تالا ٽوڙي دوائن سميت ٻئي سامان جي چوري واري واردات به سامهون اچي چُڪي آهي.