| ٻارن کي هر مرحلي لاءِ تيار رهڻ جي تربيت ڏيڻ گهرجي: صائمه قريشي |
ڪراچي(شوبز نيوز) سينئر اداڪارا صائمه قريشي چيو آهي ته جڏهن سندس پٽ کي محبت ٿي ته هن کيس چيو ته شادي پنهنجن وسيلن تي ڪر، جنهن تي کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي.صائمه قريشي ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن کان سندس ٽنهي پٽن جي پرورش ۽ ٻين موضوعن سوال پُڇيا ويا.اداڪارا چيو ته هن پنهنجي ٻارن کي نهايت دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو آهي، پر جڏهن سختي جي ضرورت هوندي آهي ته سختي به ڪندي آهي. هن ٻڌايو ته ”جڏهن منهنجو وڏو پٽ 18-19 سالن جو هو ته کيس هڪ ڇوڪري سان محبت ٿي، مون کان وسري ويو هو ته ٻارن کي ان مرحلي مان به گذرڻو پوندو، اهو مرحلو ڏاڍو ڏکيو هو، مون هڪ ڏينهن کيس ويهاريو ۽ پڇيو ته ڇا ڪرڻو آهي.“هن چيو ته ”مون پٽ کي صاف لفظن ۾ چيو ته ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ايتري محبت آهي ته مان توسان گڏ ڇوڪريءَ جو رشتو وٺڻ هلان ٿي، هاڻي ئي شادي ڪريو، پر ياد رک شادي لاءِ مان توکي ٽڪو به ڪو نه ڏينديس.“ اداڪارا چيو ته ”مون پٽ کي چيو ته پنهنجي خرچ تي شادي ڪر، جيڪڏهن تون وٽ ايترا وسيلا آهن ته ڀلي ڪر، پوءِ ڏسنداسين ته توکي ڪيتري محبت آهي.“ صائمه قريشي موجب، هن پٽ پنهنجو اپارٽمينٽ وٺڻ، گهر جو ڀاڙو، گروسري ۽ سڀ خرچ پاڻ برداشت ڪرڻ جو چيو ۽ کيس ٻڌايو ته ماءُ جي پئسن تي محبت ڪرڻ سولو آهي، پوءِ پٽ ه سمجهي ويو.