ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ڌرڻو جاري، گرمي سبب عورتون ۽ ٻار بي حال، اسپتال منتقل

ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ڌرڻو جاري، گرمي سبب عورتون ۽ ٻار بي حال، اسپتال منتقل

ٻٻرلوءِ (ن پ ا) پريا ڪماري، اجالا سولنگي، صبا ڪلهوڙو، آصفه مغل، فاطمه تيوڻو، علي اصغر مڱريو ۽ ٻين گم ٿيل ٻارن جي وارثن جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي 11هين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، ڪو چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو، سونيا کوسو، مومن لانگاهه، ماجد لاشاري، خوشي مهر، نويد لاشاري، ٻن ڀينرن زينب ۽ فضا جا وارث ٻچڙن لاءِ هنجون هارڻ لڳا، ٻارن جي وارثن جي ميار ڏيندي چيو آهي ته سياسي سماجي، قومپرست ۽ مذهبي جماعتن جا وڏا اڳواڻ به ڏک سور ونڊڻ يا آٿت ڏيڻ لاءِ نه پهتا آهن، جيستائين ٻارڙا بازياب نه ٿيندا، ڌرڻو ختم نه ڪنداسين. پريا ايڪشن ڪميٽي پاران گم ۽ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي قائم تي سخت گرمي سبب احتجاج ۾ شامل معصوم ٻارڙا ۽ عورتون بيمار ٿيڻ لڳيون، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌي ميڊيا سميت اسان کي به دٻاءُ ڏنو پيو وڃي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري ڪئمپ ختم ڪئي وڃي، پر سندن حوصلا بلند آهن ۽ احتجاجي تحريڪ ان وقت تائين جاري رهندي، جيستائين گم ۽ اغوا ٿيل سڀئي معصوم ٻارڙا بازياب نه ٿيندا، احتجاجي ڪئمپ ۾ مکي حال چنڊ، ڊاڪٽر روچا رام، وجي ڪمار ۽ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻارڙن جي وارثن ۾ ماجد لاشاري جي امڙ ڪزبانو لاشاري، خوشي مهر جو والد غلام حسين مهر، اُجالا سولنگي جو والد شمس الدين سولنگي، نويد لاشاري جو والد عبدالرزاق لاشاري، سونيا کوسو جو چاچو گل حسن کوسو ۽ علي اصغر جو چاچو اعظم پڻ موجود هئا، پنجاب مان آيل نوجوان اسرار احمد ۽ ٻين ماڻهن پڻ احتجاجي ڪئمپ ۾ شرڪت ڪري متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.