سنڌ جي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ڪراچيءَ جي هڪ سرڪاري اسپتال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 78 ٻار ايڇ آءِ وي (HIV) جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته اختيارين ذميوارن خلاف مڪمل جاچ ۽ سخت ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي صوبائي ليبر منسٽر سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (SESSI) جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال ۾ پيش آيل هي واقعو انتهائي سنجيده نوعيت جو آهي. هن متاثر خاندانن کي يقين ڏياريو ته حڪومت متاثر ٻارن کي مڪمل طبي علاج ۽ هر ممڪن سهائتا فراهم ڪندي. وزير موجب، 2025ع جي آخر ڌاري جڏهن انفيڪشن جا واقعا سامهون آيا ته جاچ شروع ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي عملدارن کي معطل ڪيو ويو. بعد ۾ صوبائي محتسب جي مداخلت کان پوءِ ٻي جاچ جو پڻ حڪم ڏنو ويو. هي معاملو هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زيرِ سماعت آهي، جتي درخواستگذار دعويٰ ڪئي آهي ته متاثر ٻارن جو اصل انگ 200 تائين ٿي سگهي ٿو. سعيد غني چيو ته اختيارين هيل تائين 78 ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ٻين امڪاني ڪيسن بابت جاچ جاري آهي. هن چيو ته شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته هي وبا سرنجن جي ٻيهر استعمال سبب نه پکڙي، ڇاڪاڻ تہ اسپتال ۾ آٽو- ڊس ايبل سرنجون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي ٻيهر استعمال نٿيون ڪري سگهجن.
سنڌ ۾ ٻارڙن ۾ ايڇ آءِ وي جا وڌندڙ ڪيس رڳو هڪ طبي مسئلو ناهن، پر رياستي نااهلي، انتظامي بيحسي ۽ صحت واري نظام جي مجرماڻي ناڪاميءَ جو کليل ثبوت آهن. وقت بوقت اھڙن المناڪ سانحن کان پوءِ حڪمران وڏيون دعوائون ڪندا آهن، جاچ ڪميٽيون جوڙيون وينديون آهن، سڌارن جا اعلان ٿيندا آهن، پر اھڙن سانحن جي رستي روڪ ٿي نه سگھندي آھي. اڄ وري وليڪا اسپتال مان ساڳي نوعيت جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن ته ان جو صاف مطلب اهو آهي ته نه سبق سکيو ويو، نه نظام سڌريو ۽ نه ئي ذميوارن کي اهڙي سزا ملي، جيڪا ٻين لاءِ عبرت بڻجي سگهي. سوال اهو آهي ته آخر سنڌ جا معصوم ٻار ڪيستائين سرڪاري نااهليءَ جي قيمت ادا ڪندا؟ هر ڀيري هڪ نئون سانحو، هر ڀيري هڪ نئين جاچ، هر ڀيري ساڳيا واعدا، ۽ پوءِ خاموشي. جيڪڏهن هر حادثي کان پوءِ رڳو بيان جاري ڪرڻا آهن ته پوءِ جاچ ڪميٽين ۽ اعليٰ سطحي گڏجاڻين جو مقصد ڇا آهي؟
ايڇ آءِ وي ڪا هوا ذريعي پکڙجندڙ بيماري ناهي. اها انساني غفلت، غير ذميواري ۽ طبي اصولن جي ڀڃڪڙيءَ جو نتيجو هوندي آهي. آلودہ سرنجن جو استعمال، غير محفوظ رت جي منتقلي، طبي اوزارن جي غير معياري صفائي ۽ نگرانيءَ جو فقدان اهي سڀ حقيقتون آهن، جن بابت سالن کان خبردار ڪيو پيو وڃي. پوءِ به جيڪڏهن ٻار هن موذي وائرس جو شڪار بڻجن ٿا ته ان کي حادثو چوڻ حقيقت کان منهن موڙڻ برابر آهي.صحت کاتي جا اعليٰ عملدار، اسپتالن جا منتظمين ۽ نگراني ڪندڙ ادارا عوام کي ٻڌائين ته ھر ڀيري ايڇ آءِ وي جا ڪيس سامهون اچڻ بعد ڪهڙا بنيادي سڌارا آندا ويا؟ ڪيتريون غير رجسٽرڊ ڪلينڪون بند ڪيون ويون؟ ڪيترا ڊاڪٽر، ٽيڪنيشن يا عملي جا ماڻهو مستقل طور نوڪرين تان هٽايا ويا؟ ڪيترا ماڻهو جيل پهتا؟ جيڪڏهن انهن سوالن جا جواب خاموشي آهي ته پوءِ اڄ جي صورتحال تي ڪنهن کي حيرت ٿيڻ نه گهرجي.سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هر وڏي سانحي کان پوءِ ذميوارن کي بچائڻ جي ڪوشش شروع ٿي وڃي ٿي. فائل گم ٿي وڃن ٿا، رپورٽون دٻجي وڃن ٿيون، ۽ اصل ڏوهاري طاقت ۽ اثر رسوخ جي اوٽ ۾ محفوظ ٿي وڃن ٿا. جڏهن ته متاثر خاندان انصاف لاءِ دربدر ٿيندا رهن ٿا. وليڪا اسپتال واري معاملي ۾ جيڪڏهن ڪنهن به سطح تي غفلت، لاپرواهي يا طبي اصولن جي ڀڃڪڙي ثابت ٿئي ٿي ته ذميوارن خلاف رڳو کاتيوار ڪارروائي ڪافي نه هوندي. انهن تي فوجداري ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن، عدالتن ۾ مقدما هلڻ گهرجن، ۽ اهڙي سزا ملڻ گهرجي جيڪا مستقبل ۾ ڪنهن به سرڪاري يا نجي صحت اداري کي عوام جي زندگين سان کيڏڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچڻ تي مجبور ڪري.
حڪومت کي به سمجهڻ گهرجي ته عوام هاڻي بيانن، نوٽيسن ۽ معطلين جي تماشي کان تنگ اچي چڪو آهي. ماڻهن کي نتيجا گهرجن. اسپتالن جي سخت نگراني، رت جي هر بيگ جي شفاف جانچ، سرنجن جي ھڪ ڀيري استعمال کي لازمي بنائڻ، غير معياري صحت مرڪزن جي مڪمل خاتمي ۽ ذميوارن جي بي رحم احتساب کان سواءِ هي سلسلو بند ٿيڻ وارو ناهي.