“ٻار بازياب ڪرايو” ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس گردي خلاف سنڌ ۾ مظاهرا، ڌرڻا، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

“ٻار بازياب ڪرايو” ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس گردي خلاف سنڌ ۾ مظاهرا، ڌرڻا، عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ جاري پرامن ڌرڻي دوران پوليس طرفان لاٺي چارج، تشدد، اڳواڻن، مغوي ٻارڙن جي وارثن ۽ ٻين کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾  سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتن ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ معمول مطابق ڪاررويون جاري رهيون، ججن پاران معمول مطابق ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ وڪيل به پيش ٿيا،ملير ۾ سنڌين نيشنل ڪانگريس ملير پاران پريس ڪلب آڏو سڪندر اوٺو، سانول زھراڻي۽ حنيف ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، خيرپور ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيل برادري طرفان عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ سيد جعفر علي شاهه، ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، ايڊووڪيٽ غضنفر عباس جتوئي، ايڊووڪيٽ نثار سومرو ۽ ٻين ڪئي، قمبر  پريس ڪلب اڳيان قمبر ۾ يوٿ فورم طرفان اياز ٻرڙو، لطيف گوپانگ، نبيل سومرو،بخت ڀٽو،هاشم چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪيو،  شهدادڪوٽ ۾  پ پ شهيد ڀٽو پاران ڪوٽو موٽو چوڪ تي منير بروهي، وزير کوسو،حبدار ميرجت، رميز راجا تنيو،آصف مگسي،وهاب پنداراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، لاڙڪاڻي ۾   جسقم ۽ جساف طرفان شھر جي جناح چوڪ تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري 24 ڪلاڪن واري بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ صابر چانڊيو، منور شيخ، لياقت علي ڀٽي، ثقلين شاھ ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن بک هڙتال تي ويٺا، فقير آباد ۾ جسقم طرفان زاهد شنباڻي، نواز شنباڻي، فريد خاصخيلي، راجا ڀٽي ۽ ٻين احتجاج  ڪيو، راڻيپور ۾ جسقم طرفان کير بازار  کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻي مجيب آزاد ڀيلار، ڪرم خان سامٽيو ڊاڪٽر نذير کوکر امداد لاڙڪ زبير سھتو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،  ٻي طرف وڪيلن پاران به قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻي تعلقه سوڀوديرو بار جي صدر  ايڊوڪيٽ عاشق شيخ آصف ڄامڙو ڪري رهيو هو.  هنڱورجا ۾ جسقم پاران مجيب آزاد ڀيلار، ڪرم خان سامٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،   سوڀوديرو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڪرم سامٽيو، حاڪم منگي سفير سامٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. سکر ۾  سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي سکر ھاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن خيرپور پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. احتجاج طور وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا. احتجاج جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ نور حسن ملڪ، علي محمد خان ڪري رهيا هئا،  پيروسڻ ۾ جسقم شھيد بشير خان طرفان پرويز احمد، گلزار احمد عامر، راشد علي، منير احمد ويسر، رحمت سنڌي، سيف سنڌي، ڪامريڊ ديدار مجيداڻو، منظور سنڌي، سومر سجاڳ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،  گمبٽ ۾ جسقم شهيد بشير خان قريشي طرفان ذاڪر عالماڻي، علي ڏنو اڄڻ، معروف عالماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،  ٽنڊي آدم ۾ عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو، وڪيل  عدالتن ۾ پيش نه ٿيا،جسقم بشير خان جي سڏ تي نوشهري فيروز، قاضي احمد ۽  نئون آباد ۾ اياز راڄپر، فريد لاشاري، رحمان ٽڳڙ ڪاشف ميمڻ، نويد راڄپر، فقير ساجن ڪنڀر، زاھد اوٺو، آرزو سنڌي محمد علي کوسو، غلام مصطفيٰ ۽ هدايت علي جي اڳواڻي ۾ ريلون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدد، عورتن، سماجي ڪارڪنن ۽ ٻارڙن جي وارثن کي گرفتار ڪرڻ ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ آئين، قانون ۽ بنيادي انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هنن چيو ته پوليس اصل ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بدران انصاف جو آواز بلند ڪندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائي رهي آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پريا ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس، لياقت جلباڻي، گرفتار وارثن ۽ ٻين سمورن بيگناهن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي، سندن خلاف داخل ڪيل ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن ۽ اغوا ٿيل پريا ڪماري سميت ٻين معصوم ٻارڙن کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو وڃي.