ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڊائريڪٽر ۽ فلمساز ڪرن جوهر انڪشاف ڪيو آهي ته ٻالڪپڻ ۾ منهنجو هلڻ ڦڙڻ ۽ آواز ڇوڪرين جهڙو هو، مونکي مردن وانگر هلڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ ڪلاس وٺڻا پيا، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته آئون 1989 ۾ 15 سالن جو هئس، ان وقت ڇوڪرا راند کيڏندا هئا، آئون وري نيون شيون سکڻ لاءِ بي تاب هئس، اهو ئي سبب آهي جو آئون مختلف ڪورس ڪندو رهيس. انهن ڏينهن ۾ مون امپورٽ ۽ ايڪسپورت، کاڌو پچائڻ، گلن ۽ ميون جي ترتيب جا ڪورس ڪيا، مون انهي ٽهي ۾ فرينچ (فرانسيسي ٻولي) سکي، ڪرن جوهر جي مطابق مون کي اسڪولي زندگي ۾ تقريرن ۽ ٽيبلو جو شوق هو، جنهن لاءِ آئون عوامي تقرير سکي رهيو هئس. ان وقت، منهنجي ڪوچ مون کي ٻڌايو ته ‘ائون هڪ بهترين شاگرد آهيان، آئون تمام سٺو ڳالهائيندو آهيان، پر منهنجو ڳالهائڻ جو انداز ۽ منهنجو هلڻ ڦرڻ ڇوڪري وانگر آهي’. هن ٻڌايو ته ‘هي سماج تمام ڏکيو آهي، ڳالهائڻ جو هي انداز مستقبل ۾ منهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. جيستائين آئون مرد وانگر نه ڳالهائيندس، آئون سماج ۾ اعتماد سان نه رهي سگهندس. مون پنهنجي ڪوچ ۽ سندس زال جي گهر 3 سالن تائين وڃي هفتي ۾ 3 ڏينهن 2 ڪلاڪ جا ڪلاس ورتا. انهن ڪلاسز ۾ مون مردن وانگر ڳالهائڻ ۽ هلڻ سکيو.