| ٻالڪ مرڻ جي ذميوار جماعت اسلامي: ميئر پاران جاچ جو حڪم |
ڪراچي: ڪراچي جي ميئر مرتضيٰٰ وهاب چيو آهي ته ڪالهه رات نيپا چورنگي ويجهو ٻالڪ ڪرڻ وارو مين هول سيوريج نه پر برساتي نالي جو هو، آئون ڏک جي گهڙي ۾ نينگر جي وارثن سان گڏ آهيان، پر معاملي کي سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي ماءُ ۽ پيءُ جي تڙپ جو احساس آهي ، آئون پونئرن سان افسوس جو اظهار ڪريان ٿو، متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪالهه رات کان انهي معاملي تي سياست جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا ڏاڍي بدقسمت شيءِ آهي. مون ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي ته ڪنهن مشنري آڻڻ کان روڪيو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين ۽ جيڪڏهن عملي جي ڪوتاهي ثابت ٿي ته سندن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي. مرتضيٰٰ وهاب چيو ته گذريل هڪ سال دوران 88 هزار مين هول ڪور لڳايا ويا آهن، واٽر ڪارپوريشن يو سي چيئرمينز کي 55سيڪڙو ڍڪڻ ڏنا آهن، انڪوائري ڪرائيندس ته شهر جي وچ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۽ اسپتال ڀرسان مين هول ڪيئن کليل هو؟ مين هول ڪيترن ڏينهن کان کليل هو يا کوليو ويو هو؟ اهو چيڪ ڪيو ويندو. مرتضيٰٰ وهاب وڌيڪ چيو ته گلشن اقبال جو ٽائون چيئرمين جماعت اسلامي جو آهي، جيڪڏهن مان چوان ته ذميواري جماعت اسلامي جي آهي ته ماڻهو ڪاوڙجي ويندا، منافقت کي ظاهر ڪرڻ کان پٺتي نه هٽندس.