ٻاندي ڀرسان لکين رپين جي چوري، گهرڌڻي جو احتجاج
جُولاءِ 3, 2025
ٻانڌي (پنهنجي ڊيسڪ)ٻانڌي لڳ ڳوٺ آچر خان جمالي ۾ گذريل رات دير سان ٽي نامعلوم چور خان جمالي جي گهر ۾ گهڙي پيا. چور گهر جي ديوار ٽپي اندر داخل ٿي پنج لک رپيا روڪ رقم، هڪ تولو سون، ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.
متاثر خاندان موجب واردات دوران گهر جا سڀئي ڀاتي ننڊ پيل هئا، چور چوري ڪري فرار ٿي ويا. صبح جو جڏهن گهر وارن کي واردات جي خبر پئي ته هنن فوري طور پاڙي وارن کي آگاهي ڏني.
ڳوٺ واسي چوري جي ان واقع تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال مسلسل خراب ٿي رهي آهي، جڏهن ته ٻانڌي پوليس واقعي کان مڪمل طور بي خبر رهي.
خان جمالي ايس ايس پي نوابشاهه ڊي ايس پي دوڙ کان مطالبو ڪيو آهي ته واردات جي فوري جاچ ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.