| ٻانڌي: اڳوڻي ايس ايچ او سوڌو 9 ڄڻن تي ڪيس داخل |
ٻانڌي (ن پ ا) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پٻجو ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او قربان ڪلھوڙو سميت 5 پوليس اھلڪارن ۽ 4 پرائيوٽ ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. فريادي ممتاز بيگم ڏاھري سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي ته ٻه سال اڳ قتل ٿيل دائود ڏاھري جو ڪيس پٻجو ٿاڻي تي مظفر ڏاھري، مظھر ڏاھري، ذوالفقار ڏاھري ۽ ظفر ڏاھري تي داخل ڪرايو ويو ھو اڳوڻي ايس ايچ او قربان ڪلھوڙو دائود ڏاھري قتل ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو، ايس ايچ او قربان ڪلھوڙو، اي ايس آءِ صاحب خان، روشن ڏاھري، مرتضيٰ ڏاھري، صدام لاشاري، مظفر، مظھر، ذوالفقار ۽ ظفر ڏاھري گهر ۾ گهڙي گارگند ڪئي منھنجي ننڍڙي ڌي مھناز عرف مريم ۽ اسانجا ڪپڙا ڦاڙي گھليو