ٻانڌي ۾ جمالي ڪورائي تڪرار تان حملو، صحافي قتل، اهلڪار سميت 2 زخمي، هڙتال، ڌرڻو

ڊسمبر 13, 2024

ٻانڌي (رپورٽ: طالب حسين) ٻانڌي ۾ جمالي ڪورائي تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ صحافي قتل، سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا زخمي، شهر ۾ هڙتال، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، خبر موجب شھر ۾ 2 موٽر سائيڪلن تي سوار ھٿياربندن صحافي رضا محمد جمالي، سندس ڀاءُ شريف جمالي ۽ سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اھلڪار جيئند جمالي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ ٽئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ٽنھي زخمين کي فوري طور ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال نيو پئي ويو ته هڪ زخمي صحافي رضا محمد جمالي زخمن جا سور نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏھن ته ٻن زخمين شريف جمالي ۽ پوليس اھلڪار جيئند جمالي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھه اسپتال نيو ويو، جتي سندن علاج ھلندڙ آھي، مقتول صحافي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، صحافي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جمالي برادري جي سوين ماڻھن شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪري مهراڻ هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، هوڏانهن پوليس قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ جان محمد جمالي ۾ چڙهائي ڪري جوابدارن جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، ذريعن موجب ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر پوليس سندن گرفتاري ظاهر نه پئي ڪري،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

صحافي جي پٽ کي به ساڳئي تڪرار ۾ هٿياربندن قتل ڪيو

ٻانڌي: ٻانڌي ۾ جمالي ڪورائي تڪرار ۾ پيءُ پٽ ۽ ڀاءُ قتل ٿي چڪا آهن، 6 مھينا اڳ جمالي ڪورائي تڪرار تان هٿياربندن وچ شھر ۾ صحافي  رضا محمد جمالي جي نوجوان پٽ شاھد جمالي ۽ ڀاءُ بشير جمالي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو، جنهن جو ڪيس غلام نبي ڪورائي، طارق ڪورائي، مراد جمالي، قادر  ڪورائي، استاد استاد صديق جمالي ۽ ٻين تي داخل ڪرايو ويو ھو.ظالمن ظلم ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي: وارث

ٻانڌي: مقتول صحافي جي ڀاءُ حاجي غلام محمد جمالي ۽ ٻين وارثن چيو ته ظالمن ظلم ڪيو آهي، قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ماڻھن کي غلام نبي ڪورائي ۽ استاد صديق جمالي ڌر قتل ڪيو آھي، قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

Leave A Comment