| ٻاهر وڃڻ تي نواز شريف کي روپوش سڏيو ويو: ن ليگ |
اسلام آباد: نواز ليگ جي سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته جڏهن نواز شريف علاج لاءِ ٻاهر ويو ته پي ٽي آءِ وارا کيس روپوش جوابدار سڏيندا هئا، اڊيالا جو رڪارڊ چيڪ ڪريو، ڇا نواز شريف کي 6 ڪمرن جي سهولت هئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ باني وٽ ڊرائينگ روم، ڪِچن، ڪمرا، گارڊن ۽ لائبريري به آهي، پي ٽي آءِ وارن پهرين واويلا ڪئي ته خدا نه ڪري باني لاڏاڻو ڪري ويو پوءِ هو جيئرو ٿي ويو، ڇا اها خبر اسان پکيڙي رهيا آهيون ته هو ديد کان به محروم ٿي ويو آهي، اسان ۽ توهان جي اخلاق ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، توهان کي لاشن تي سياست ڪرڻ نه ڏينداسين،