اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان پهچي ويو، صدر، وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر سان ملاقاتون، ايراني صدر جي آمد جي موقعي تي پاڪ-ايران واپار 10 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ ۽ دهشتگردي خلاف گڏيل ڪوششن تي اتفاق، 8 شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون، 5 سالن ۾ واپار گهربل حدف تائين واڌايو ويندو، پاڪ-ايران قيادت پاران فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت به ڪئي وئي
تفصيل موجب ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو ته وفاقي وزير رياض پيرزاده ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي، ايراني صدر سان گڏ سندس گهر واري، پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا وزير ۽ واپاري به موجود آهن
پاڪستان ياترا تي پهتل ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي وزيراعظم هائوس آمد تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان ۽ ايران پاران واپار جو حجم 10 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ، دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو
سيڪيورٽي، واپار، سائنس ٽيڪنالاجي، وٽرنري هيلٿ، ثقافت ۽ عدالتي معاملن سوڌو 8 شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتنامن تي صحيحون به ڪيون ويون، لاڳاپيل شعبن جي وزيرن صحيحون ڪيون ويون
پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي موجودگي ۾ يادداشتنامن تي صحيحون ڪيون ويون، وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي به شرڪت ڪئي، ان دوران ٻنهي ملڪن 8 شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون
پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ جوائنٽ اڪنامڪ فري زون جي منظوري، جڏهن ته سويلين معاملن ۾ عدالتي معاملن تي ايم او يو تي صحيحون ٿيون، ٻنهي ملڪن ۾ سيڪيورٽي سهڪار، وٽرنري ۽ جانورن جي صحت بابت معاهدي تي صحيحون ٿيون، جڏهن ته ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ايران ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي
اسلام آبا ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمت جي يادداشت جي تقريب کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر ابراهيم رئيسي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ايراني صدر جي دوري سان پاڪ ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، ايراني صدر سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار بابت ڳالهيون ٿيون
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا رڳو 76 سالن کان ناهن پر پاڪستان کي سڀ کان اڳ ايران تسليم ڪيو. هن چيو ته غزه تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن پر دنيا چُپ آهي، فلسطين ۾ جنگ ختم ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته ڪشمير لاءِ آواز اٿارڻ تي ايراني صدر جا ٿورائتا آهيون
ان موقعي تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته اڄ اسان پاڪ ايران اقتصادي لاڳاپا ۽ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پرجوش آجيان ڪرڻ تي پاڪستاني وزيراعظم ۽ سرڪار جا ٿورائتا آهيون، دوست ۽ پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان ايران جا تاريخي لاڳاپا آهن جن کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي
هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري حجم قابل قبول نه آهي اسان پهرين مرحلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرز تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايراني عوام غيرقانوني پابندين کي موقعي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ملڪ ۾ ترقي جي راهه هموار ڪئي، دهشتگردي ۽ منشيات خلاف جنگ سميت ڪيترن ئي معاملن تي اسان جو گڏيل موقف آهي
ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته غزه جي عوام جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، غزه بابت جرئتمند موقف تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي سلام آهي، سلامتي ڪائونسل غزه معاملي تي ذميواريون نه پئي نڀائي، غزه جي عوام کي هڪ ڏينهن انهن جو حق ۽ انصاف ملي ويندو، فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت جو خاتمو ضروري آهي
هوڏانهن ايراني صدر ابراهيم رئيسي صدر، وزيراعظم، اسپيڪر قومي اسيمبلي، سينيٽ چيئرمين سان به ملاقاتون ڪيون، ايراني صدر ابراهيم رئيسي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان معاملا غور هيٺ آيا
ملاقات ۾ ٻطرفي واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان به ڳالهيون ٿيون، ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عام چونڊن کان پوءِ اوهان پاڪستان جو دورو ڪندڙ پهريان صدر آهيو، مون سميت سموري پاڪستاني قوم اوهان جي دوري جو آجيان ڪري ٿي
ايراني صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي پاڪستان پهچڻ دوران پرجوش استقبال تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو ادا ڪيو، ايراني صدر ابراهيم رئيسي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ ايران لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ڪيو
پي ايم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي آجيان ڪئي، پاڪ فوج جي جٿي پاران مهمان صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر کي پنهنجي ڪابينا جو تعارف ڪرايو
هوڏانهن صدر آصف علي زرداري سان به ايراني صدر ملاقات ڪئي، صدر زرداري ايراني هم منصب جي ايوان صدر ۾ اچڻ تي آجيان ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ايران جي گڏيل مفادن وارن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جو عزم ورجايو ويو، علائقي، عالمي سلامتي معاملن تي به غور ڪيو ويو
صدر زرداري اسرائيل جي فلسطين ۾ جارحيت جي مذمت ڪئي، صدر زرداري چيو ته پاڪستان فلسطين ڪاز جي حمايت جاري رکندو، ايراني صدر فلسطينين جي حمايت تي پاڪستان جي ساراهه ڪئي
ايراني صدر ابراهيم رئيسي سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي سان به ملاقاتون ڪيون جنهن دوران پارلياماني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي