| ٻلي کي 18 يا 20 نه پر سڄيون ساريون 28 آڱريون |
مشيگن (انٽريسٽنگ نيوز) گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊز ٽوبي نالي هڪ 10 مهينن جي ٻلي کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آڱريون 28 رکندڙ ٻلي قرار ڏيندي عالمي رڪارڊ هولڊر قرار ڏنو آهي. آمريڪي رياست مشي گن ۾ هينڊرسن خاندان جي ٻلي جي پونگڙي 28 آڱرين سان پيدا ٿي. 2002 ۾ ڪينيڊا ۾ پيدا ٿيل ٻلي جڪ کي به 28 آڱريون هيون. ٻلين کي عام طور تي 18 آڱريون هونديون آهن، جڏهن ته اضافي آڱرين واري ٻلي کي پولي ڊيڪٽائل سڏيو ويندو آهي. ٻلي جي مالڪ ڊيلني هينڊرسن چيو ته جڏهن پهريون ڀيرو ٽوبي جا چنبا ڏٺا ته حيران ٿي ويس. توقع هئي ته هن کي اضافي چنبو هوندو پر جڏهن چنبا ڏٺا ته واقعي حيران ٿي ويس. هن چيو ته ٽوبي جي معصوم چهري ۽ مسلسل رڙين فوري طور تي هن ڏانهن متوجه ڪيو ۽ هن محسوس ڪيو ته هي ٻلي هتي هن جي زندگي جو حصو بڻجڻ لاءِ آئي آهي. ٽوبي جا اضافي چنبا ڪنهن به طرح سان هن جي صحت يا چرپر ۾ رڪاوٽ نه ٿا بڻجن. هن جا 30 نهن آهن، تنهن ڪري صرف انهن کي ڪٽڻ لاءِ معمول کان وڌيڪ ڌيان جي ضرورت پوندي آهي، ٻي صورت ۾ هو مڪمل طور تي صحتمند ۽ عام ٻلي واري زندگي گذاري ٿي.