ٻن ججن منهنجي خلاف فيصلو ڏنو: چونڊ ڪيس ۾ بينچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن هوندو: نوازشريف
اپريل 1, 2023
لنڊن (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ قائد نواز شريف چيو آهي هن بينچ ۾ ٻه جج اهي آهن، جن منهنجي خلاف فيصلو ڏنو، جڏهن بينچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن قبول هوندو. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته چونڊ ڪيس ۾ اٽارني جنرل ۽ سول سوسائٽي سڀ چئي رهيا آهن ته فل ڪورٽ جوڙيو وڃي ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه جو اصرار آهي، اهو ڪنهن ٽرڪ، ريڙهي واري يا پلاٽ خالي ڪرائڻ جو نه پر قومي مسئلو آهي، 2017 ۾ به ان قسم جي بينچ ٺهي هئي، جنهن سبب ملڪ جو مستقبل انداهو نظر ايندو آهي، 2017ع کانپوءِ ڏسو اوهان سان ڇا ٿيو، پهرين اوهان ڀيٽ ڀري ماني کائيندا هئا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي دور ۾ بجلي جو بل گهٽ ايندو هو، اسان لوڊشيڊنگ به ختم ڪئي، ملڪ ۾ موٽر ويز ٺهي رهيا هئا، دهشتگردي ختم ٿي رهي هئي، ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا بلند ترين سطح تي هئا، اڄ اسان کي هڪ بلين ڊالر لاءِ درخواست ڏيڻي پوي ٿي.نوازشريف چيو ته قوم کي انهن ئي بئنچن جي فيصلن تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، ثاقب نثار ۽ ٻيا رٽائرڊ جج قوم کي ٻڌائيندا ته مون کي ڇو نااهل ڪيو ويو، پاڪستان ڪجهه سالن ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن 10، 20 ملڪن ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيو هو، سون في تولو 2 لک رپين کان وڌي ويو آهي، غريب نياڻي جي شادي ڪيئن ڪرائيندو؟ غريب اڄ دوا جو بل ادا نه ٿو ڪري سگهي، ملڪيت وڪڻڻي پوي ٿي، اوهان کي ڪو خيال ناهي، توهان شوڪت صديقي جي ڳالهين تي ڪڏهن پاڻمرادو نوٽيس ورتو؟ ڇا ان ڳالهه تي سوموٽو نٿو ٺهي ته نواز شريف سان زيادتي ٿي؟ ڇا جنرل رٽائرڊ باجوه جي ڳالهين تي پاڻمرادو نوٽيس نه ٿو ٺهي، نواز شريف چيو ته اهي قوم تي مرضي جا فيصلا مڙهڻ چاهين ٿا، اميد ته الله اهڙن فيصلن کان ملڪ کي بچائيندو، سڌي ڳالهه آهي ته بينچ ئي قبول ناهي ته فيصلو ڪيئن قبول هوندو؟ فل ڪورٽ ٺاهيو، ان جو فيصلو سڀني کي قبول هوندو، موجوده بينچ ۾ 2 جج اهي آهن، جن منهنجي خلاف فيصلو ڏنو، ڇا سڀ فيصلا عمران خان لاءِ ڪرڻا آهن؟ عدالتي فيصلن سٺي قوم کي پينو بڻائي ڇڏيو آهي، اڄ جيڪو ٿي رهيو آهي، اهو مون کي 2017 جو تسلسل لڳي رهيو آهي. هڪ سوال تي نوازشريف چيو ته ٻڌو آهي ته اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو، جيڪڏهن الله جي خوف کان ڳوڙها آيا آهن ته سٺي ڳالهه آهي.