| ٻن سالن دوران قرضن ۾ 15 هزار 72 ارب رپين جي تاريخي واڌ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موجوده حڪومت جي پهرين ٻن سالن دوران ورتل قرضن جا تفصيل سامهون اچي ويا. وفاقي حڪومت جي شروعاتي ٻن سالن دوران قرضن ۾ 15 هزار 72 ارب رپين جو تاريخي اضافو ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي دستاويزن موجب موجوده حڪومت جي قرضن ۾ هي اضافو مارچ 2024ع کان فيبروري 2026ع تائين ٿيو، قرضن ۾ تقريبن هر ڏينهن لڳ ڀڳ 21 ارب رپين جو اضافو ٿيو. مارچ 2024ع کان فيبروري 2026ع تائين ٻن سالن دوران وفاقي حڪومت جي مقامي قرضن ۾ 14 هزار 4 ارب رپين ۽ پرڏيهي قرضن ۾ هڪ هزار 68 ارب رپين جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت جو مجموعي قرض فيبروري 2026ع تائين وڌي 79 هزار 882 ارب رپيا ٿي ويو. نگران حڪومت جي آخري مهيني فيبروري 2024ع تائين وفاقي حڪومت جي قرضن جو حجم 64 هزار 810 ارب رپيا هو