ماني لاءِ پريشان آهيون:بک ستايل نينگر انت آڻي ڇڏي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

جُون 23, 2023

پکو(ن پ و) پکو ۾ بک ستايل نينگر خودڪشي ڪري ڇڏي، خودڪشي کان اڳ راحب مغيري سوشل ميڊيا تي وڊيو رکي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته اسين ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي

يوسي آباد جي ڳوٺ مراد علي مغيري جي يتيم نينگر راحب علي مغيري غربت کان تنگ اچي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، خودڪشي کان اڳ راحب علي سوشل ميڊيا تي ويڊيو بيان جاري ڪندي پنھنجو درد ظاھر ڪيو

وڊيو ۾ هو چئي رهيو آھي ته اسان غريب صرف ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهيون اسان جو حڪمران طبقو غريبن کان ٽيڪس اوڳاڙي شاھي زندگي گذارڻ جو جتن پيو ڪري

وڊيو بيان ۾ پنھنجو درد ۽ تڪليفون ظاھر ڪندي چيو ته اسان يتيم آھيون مونکي ٻھ معصوم ڀينرون آھن اسان جي زندگي جو گاڏو سورن سان پيو گذري شاھي حڪمران پنھنجي پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن

 ھن وڍيو بيان ۾ وڌيڪ چيو ته غريبن جا مليل فنڊ به وڏيرا کائي ٿا وڃن ھتي ھرڪو پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورو آھي

Leave A Comment