ٻهارا لڳ پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر ناهي، ٻار پٽ تي پڙهڻ لڳا

ٻهارا لڳ پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر ناهي، ٻار پٽ تي پڙهڻ لڳا

ٻھارا (رپورٽ: ادريس پليجو)  ٻھارا لڳ ڳوٺ علي محمد پليجو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ پيدا ٿي وئي،  شاگرد شاگردياڻيون ھيٺ فرش تي ويھي درس وٺڻ لڳا، ڳوٺ جي سياسي سماجي اڳواڻ پٺاڻ پليجو،  عرس پليجو، شڪيل پليجو،  مھر علي، نبي بخش ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ٻھارا جي صحافين سان ڳالھائيندي احتجاج ڪندي چيو ته فرنيچر جي کوٽ لاء اسان ڪافي دفعا ايجوڪيشن جي ذميوار آفيسرن کي شڪايتون ڪيون آھن ڪنھنجي ڪن تي جونءِ به نٿي سري، ھنن چيو ته سخت سردي واري موسم ڇوڪرا ڇوڪريون ھيٺ پٽ تي تعليم حاصل ڪري رھيون آھن استاد بيٺي درس ڏيڻ تي مجبور ھن فرنيچر نه ھجڻ سبب تعليمي نظام ۾ وڏي ڏکيائي ٿي رھي آھي هنن مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪول کي جلد فرنيچر مھيا ڪري ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.