| ٻهارا ويجهو اٽي چڪي مشين ۾ ڦاسي پورهيت فوت ٿي ويو |
ٻهارا (ن پ ا) ٻهارا لڳ ڏکوئيندڙ حادثو پيش آيو، نوجوان تاج محمد اٽي واري چڪي تي ڪم ڪري رهيو هو ته اوچتو سندس ڪپڙا مشين ۾ ڦاسي پيا، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو۔ حادثي بعد کيس ترت اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو، واقعي جي خبر علائقي ۾ پکڙجڻ سان سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي، فوتي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.