| ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت رکندڙ حڪومت ڪورم پورو ڪرڻ ۾ ناڪام |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس پريزائيڊنگ آفيسر نزهت صادق جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. مسلم ليگ ن جي جڙانواله مان ڪامياب ميمبر قومي اسيمبلي بلال بدر جي حلف کڻڻ کانپوءِ حڪومت کي پيپلز پارٽي کانسواءِ سادي اڪثريت حاصل ٿي وئي۔ مسلم ليگ ن جي حڪومت کي هاڻي پيپلزپارٽي کانسواءِ باقي اتحادي کي گڏائي 170 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. جڏهن ته حڪومت قائم رکڻ لاءِ 169 ميمبرن جي ضرورت آهي. هاڻي پيپلز پارٽي حڪومت مٿان اڳ وانگر دٻاءَ قائم نه رکي سگهندي تازو ٿيل ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ ن 6 سيٽون کٽيون. ڇهن سيٽن تي ڪاميابي سان مسلم ليگ ن کي پيپلز پارٽي کانسواءِ باقي اتحادين سان گڏجي ساده اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي. ضمني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ مسلم ليگ ن جي ميمبر بلال چوڌري قومي اسيمبلي جي ميمبر طور حل کڻي ورتو. بلال چوڌريءَ جي حلف دوران مخالف ڌر مينڊيٽ چور جا نعرا لڳايا قومي اسيمبلي جي پريس گيلريءَ مان ن ليگ جي ڪارڪنن به نعريبازي ڪئي. پريزائيڊنگ آفيسر ليگي ڪارڪنن کي نعريبازي کان روڪي ڇڏيو۔ اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبر صبغت الله قورم جي نشاندهي ڪئي. قومي اسيمبلي جو قورم پورو نه نڪتو۔ ڳڻپ دوران ڪورم پورو نه هجڻ تي ڪاروائي 15 منتن لاءِ معطل ڪئي وئي. لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ بعد اجلاس شروع ٿيڻ باوجود حڪومت ڪورم پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ۽ ڪورم پورو نه هجڻ ڪري ايجنڊا جي هڪ به اسم تي ڪاروائي هلائڻ کانسوء اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو آھي .