ٻه ڀاڱي 3 اڪٽريت: ڪورم پورو نه ٿيو: قومي  اسيمبلي اجلاس ملتوي

ٻه ڀاڱي 3 اڪٽريت: ڪورم پورو نه ٿيو: قومي  اسيمبلي اجلاس ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت رکندڙ حڪومت قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڪورم پورو نه ڪري سگهي۔ قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيلن ۽ ڪجهه ميمبرن جي عزيزن لاءِ مغفرت جي دعا کان پوءِ ايجنڊا شروع ٿيڻ وارو هو ته نامزد اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي دعا دوران چيو ته اِن سان گڏ آئين لاءِ به فاتحه پڙهي ڇڏيو. اجلاس دوران اپوزيشن ميمبر صاحبزادہ صبغت الله نقطه اعتراض تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ اسپيڪر چيو ته پهرين ايجنڊا هلندو، پوءِ نقطه اعتراض ٻڌبو۔ صاحبزادہ صبغت الله چيو ته هو ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ چاهي ٿو، ان جي جاءِ تي اپوزيشن جي ٻئي ميمبر صاحبزادہ محبوب سلطان ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي پر جي يو آءِ اپوزيشن جو ساٿ نه ڏنو۔ اسپيڪر سردار اياز صادق ميمبرن جي ڳڻپ ڪرائي ته حڪومت، جنهن وٽ 238 ميمبرن جي حمايت موجود آهي، ايوان ۾ صرف 53 ميمبر موجود هئا، جڏهن ته ڪورم لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 84 ميمبر لازمي آهن۔ ڪورم  پورو نه هجڻ تي اجلاس جي ڪارروائي معطل ڪئي وئي۔ تقريبن اڌ ڪلاڪ انتظارکان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفي شاهه اجلاس ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ڪرسي سنڀالي پر ٻيهر ڳڻپ دوران به 84 ميمبر پورا نه ٿيا، جنهن سبب ڪا به ايجنڊا نه هلي سگهي ۽ ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سومر شام پنج وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو۔