| ٻولي اٿارٽي جو چيئرمين ڪير؟ شير مهراڻي، مهر خادم ۽ قاسم راڄپر ۾ دنگل: 10 آئوٽ |
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين جي چونڊ لاءِ 13 مان 3 اميدوارن جا نالا شارٽ لسٽ، سليڪشن ڪاميٽي 10 اميدوارن کي چيئرمين جي چونڊ واري ڊوڙ مان آئوٽ ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر شيرمهراڻي، ڊاڪٽر قاسم راڄپر ۽ ڊاڪٽر مهر خادم جا نالا شارٽ لسٽ ڪري حتمي منظوري لاءِ وڏي وزير ڏانهن اماڻيا ويا، وڏي وزير جي حتمي منظوري کان پوءِ شارٽ لسٽ ڪيل 3 اميدوارن مان هڪ اميدوار جي مقرري ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري لاءِ سليڪشن ڪاميٽي پاران 10 ڊسمبر تي 13 اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ کانپوءِ ٽن اميدوارن ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر قاسم راڄپر ۽ ڊاڪٽر مهر خادم کي شارٽ لسٽ ڪري باقي 10 اميدوارن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو . ڄاڻ موجب ته وڏو وزير سيد مراد شاھه شارٽ لسٽ ڪيل ٽنهي اميدوارن مان ڪنهن به هڪ کي چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندو، جنهن بعد مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. واضح رهي ته سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين لاءِ انٽرويو ڏيندڙ 10 اميدوارن ڊاڪٽر عبدالوحيد ڪلوڙ، ڊاڪٽر مَنظور علي ويسريو، ڊاڪٽر رياضت علي ٻرڙو، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر ذوالفقار جلباڻي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، ڊاڪٽر الطاف جوکيو، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽ ڊاڪٽر انور پرديسي کي ڊوڙ مان آئوٽ ڪيو ويو آهي.