ٻولي سبب اسان بنگلاديش وڃايو: ٻولي بِل ايوانن ۾ فوٽبال بڻجندا آهن: سردارشاهه
مَي 27, 2025
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھه چيو آهي ته دنيا ۾7 هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان 3 هزار ٻوليون خطري ۾ آهن، قومي اسيمبلي پهرين مرحلي ۾ سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي زبانن کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي، صوبن ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين کي صوبائي اسيمبلين جي تجويزن تي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو مينڊيٽ ڏنو وڃي. ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران “سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ مادري ٻولين جا سماجي ۽ ثقافتي رخ” جي موضوع هيٺ ٻن ڏينهن واري ٽئين “عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس” کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻولي جي معاملي تي حڪومتون به ضرور ذميوار آهن پر ٻولي جي بچاءُ لاءِ اسان کي پاڻ کي به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسڪولن ۾ والدين کي به آگاهي رکڻي پوندي ته سندن ٻارن کي سنڌي پڙهائي وڃي ٿي يا نه؟ هن وڌيڪ چيو ته جن اسڪولن خلاف سنڌي نه پڙهائڻ واري شڪايت ملندي، انهن اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ لينگويج انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو، جنهن جي مدد سان سنڌي ٻولي جو آرٽيفيشل انٽيليجنٽس جو استعمال وڌائي سگھجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻولي جي بنياد تي اسان بنگلاديش وڃائي ويٺاسين. هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ٻولي جا بِل ايوانن ۾ فوٽبال ٿيندا رهيا آهن، فيڊريشن ايتري سولي ناهي جو ننڍن صوبن کي اون ( مالڪي )ڪندي. جيستائين تعليمي ادارن ۾ سنڌي نه پڙهائي ويندي، تيستائين سنڌي ٻوليءَ کي بچائي نه ٿو سگهجي. ثقافت واري وزير ذوالفقار شاھه ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ انگريزي ۽ اردو ميڊيم اسڪولن ۾ سنڌي نه ٿي ڳالهائي وڃي، هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌي به پنهنجي ٻولي ڳالهائين، اسان ڪوشش ڪريون ٿا ته اهڙيون ڪانفرنسون ٻاهر به ٿيڻ گهرجن، ان لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ويندي. ڊاڪٽر رفيق وساڻ ڳالهائيندي چيو ته عالمي سنڌي ٻولي ڪانفرنس لا هر سال نئون موضوع هوندو آهي، سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته انڊس اسڪرپٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي. اسان ڪانفرنس وسيلي ڪوشش ڪندا آهيون ته ٻولي جي ماهرن کي هتي گڏ ڪريون. اسانکي گهرجي ته سنڌي ٻولي جي گرامر، لهجن ۽ ٻولي کي پيش ايندڙ مسئلن تي غور ڪيون. هن چيو ته اسان ٽن سالن ۾ 43 ڪتاب شايع ڪيا آهن. سنڌي ٻولي جا سکيا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پرائيوٽ اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي سنڌي سبجيڪٽ طور پڙهائڻ ڪري سنڌي پڙهڻ وارا سنڌي ڳالهائي نٿا سگهن. انهي کان اڳ ثقافت واري وزير ذوالفقار شاھه، تعليم واري وزير سردار شاھه، سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين اسحاق سميجو ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو . ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران ڇپايل 14 مان 8 ڪتابن جو مهورت ڪيو ويو.