ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي: لاڙڪاڻي ۾ ايڪتا تقريب ۾ ٻوليءَ سان محبت جي گيتن جي گونجار

ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي: لاڙڪاڻي ۾ ايڪتا تقريب ۾ ٻوليءَ سان محبت جي گيتن جي گونجار

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان هيٺ 7 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي اعلان کان پوءِ لاڙڪاڻو پريس ڪلب طرفان “ايڪتا ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي ، جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سان گڏ صحافين اجرڪ، ٽوپيون ۽ سنڌي ويس وڳا پائي شرڪت ڪئي، جڏهن ته پروگرام ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان بلند خان جوڻيجو، وزير اعليٰ جي خاص مددگار خير محمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شرجيل چنا، ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري سميت ، سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ ساڃاھ وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ناليواري راڳي شيراز عباسي طرفان ڀٽائيءَ لطيف جي وائي “ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي” جهونگاري پروگرام جي شروعات ڪئي وئي، جڏهن ته پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، نائب صدر غلام مرتضيٰ ڪلھوڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر جاگيراڻي، ڊاڪٽر بدر شيخ، سيد صابر شاهه، سيد جاويد شاهه، محمد عاشق پٺاڻ، منير سومرو، اياز ساريو، ايم يونس ڏيٿو، سلامت ابڙو،نادر ابڙو، منصور عباس ابڙو سميت ٻين عهديدارن، ميمبرن، توڙي پريس ڪلب جي ورڪرن طرفان آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندي کين سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ پارائي مان ڏنو ويو. پروگرام لاءِ اسٽيج ۽ پنڊال کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو هو، اسٽيج تي پس منظر ۾ موهن جي دڙي جي آثارن جو چٽيل نقش، اسٽوپا، ڪنگ پريسٽ ۽ سمبارا جي مجسمن پروگرام جي خوبصورتيءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان موقعي تي ناليواري فنڪاره سنڌ جي ڪوئل ديبا سحر، سريلي راڳي وقار ملاح، يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي مشهور فنڪار جگر جلال، نامور فنڪارائن شبو لعل ۽ سونيا علي سرن جي ورکا ڪئي، جن “سنڌ منهنجي ماءُ آ ماءُ ۾ منهنجو ساهه آ”، “ٽوپي اجرڪ پائي پنهنجو قوم ڏينهن ملهائينداسين”، هن جنم ۾ هن جنم ۾ وچن ٿو ڪريان، مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو ٿيان”، ڇاتيء سان ڇاتي ڪير نه چاهيندو سنڌ جي آزادي ڪير نه چاهيندو”، “مان سنيڌ سنڌو جي سجائيندس تنهنجو امڙ کير ملهائيندس”، سهڻي سهڻي سنڌ جيئي تنهنجي مند جند جيئي”، مور ٿو ٽلي راڻا”، جواني نه رهندي جواني نه رهندي”،”جيئي منهنجي سنڌ مان ته گھوريان پنهنجي جند پنهنجي اباڻي وطن تان”، “ڪات منهنجي ڪنڌ تي آئون کنيو پيو اچان جيئي سنڌ جيئي سنڌ آئون چوندو پيو اچان” ۽ ٻيا سنڌي قومي گيت ڳائي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته مشهور مزاحيه فنڪارن ماما لالو ۽ خادم ٿهيم مزاحيه لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائي ماڻهن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت جو ترجمان بلند خان جوڻيجو، وزير اعليٰ سنڌ جي خاص مددگار خير محمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر شرجيل نور چنا، ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن، صحافين، ڪئمرامينن، فوٽوگرافرن ۽ ميڊيا ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ آيل سڀني مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته هن ايڪتا ثقافتي پروگرام ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مهمان موجود آهن، هر سال ايڪتا جو ڏهاڙو سنڌي ميڊيا جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پهريون ڀيرو لاڙڪاڻو پريس ڪلب ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو آهي، جنهن کي ڪلب جي سڀني عهديدارن ۽ صحافين گڏجي آرگنائيز ڪيو آهي. هن چيو ته ڊسمبر جو مهينو اچڻ سان سنڌي ماڻهن جو پنهنجي ثقافت کي ملهائڻ لاءِ جنون ۽ جذبو وڌي وڃي ٿو، ايندڙ 7 ڊسمبر تي شھر جي جناح باغ چوڪ تي ايڪتا ثقافتي عيد جي خوبصورت ۽ شاندار مک تقريب منعقد ڪئي ويندي.