| ٻوڏ سٽيلن جي گهرن جي اڏاوت رولي هيٺ: هينڊز جو 45 ڪروڙن جو غبن ظاهر |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي تعمير واري منصوبي ۾ شامل سماجي تنظيم هينڊز پاران 45 ڪروڙ روپين جو غبن اسڪينڊل ظاهر، ايف آر داخل ڪري معاملو نيب، ايف آءِ اي يا اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻڻ جي سفارش،ان ڏس ۾ سنڌ ۾2022ع واري برساتي ٻوڏ دوران اٽڪل21 لک گھر تباھه ٿيا هئا، جن جي اڏاوت جو ڪم اڃا به جاري آهي، 21 لک گھرن کي تعمير ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ميگا منصوبو هلي رهيو آهي، انهي منصوبي ۾ هينڊز سميت مختلف اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن، گهرن واري رٿا ۾ هينڊز جي خراب ڪارڪردگي ظاهر ٿي پئي آهي، سوشل ويلفيئر کاتي عمرڪوٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر پاران گھرن جي تعمير واري منصوبي ۾ ڪرپشن ٿيڻ ۽ رشوت وٺڻ وارن معاملن جي جاچ ڪري رپورٽ سوشل ويلفيئر واري وزير ڏانهن اماڻي وئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سمورن معاملن جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۽ جاچ بعد اهو واضح ٿيوآهي ته هينڊز جي عملي خلاف رشوت وٺڻ بابت داخل ٿيل شڪايتون درست ۽ حقيقت تي ٻڌل ثابت ٿيون آهن، هينڊز جي عملي طرفان ضلعي ۾ پنهنجن ايجنٽن/ فرنٽ مين ذريعي منظم طريقي سان ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، ڪال ڊيٽا سينٽر (سي ڊي آر) ۽ رڪارڊ ڪيل بيانن/ جاچ مان ثابت ٿيو آهي ته هينڊز جو عملو ڪرپشن ۾ ملوث آهي، جن ماڻهن جا گھر ٺهن ٿا، اهي به بليڪ ميلنگ جو شڪار آهن، کين ايجنٽن جي مرضي موجب هلڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. رپورٽ موجب سموري ڪرپشن جو مرڪزي ڪردار ضلعي عمرڪوٽ ۾ مقرر منصوبي جو سربراھ آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 8 سالن کان اتي مقرر ٿيل آهي، رپورٽ ۾ سفارشون ڪيون ويون آهن ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فلڊ افيڪٽيز منصوبي ۾ شامل هينڊز جي عملي کي برطرف ڪري ڪنهن به اين جي اوز ۾ نوڪري لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. جيڪڏهن هينڊز انهي منصوبي ۾ ڪم جاري رکي ٿي ته ادائگين جو مڪمل شيڊيول واضح طور تي جاري ڪري ته جيئن مستحق ماڻهن سان بليڪ ميلنگ نه ٿي سگھي، ان معاملي کي جاچ لاءِ نيبم ايف آءِ اي يا اينٽي ڪرپشن ڏانهن معاملو اماڻيو وڃي.
عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين هينڊز جي ڪرپشن تان پردو کنيو
ڪراچي: عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران سوشل ويلفيئر کاتي جي اختيارين کي خط لکي شڪايت ڪئي وئي هئي ته مختلف علائقن مان شڪايتون ملي رهيون آهن ته گهرن واري منصوبي مان فائدو حاصل ڪندڙ مستحقن کان غيرقانوني رقم وصول ڪئي پئي وڃي. ضلعي چيئرمين جي اهڙي شڪايت تي سوشل ويلفيئر واري وزير جي هدايتن تي کاتي جي اختيارين جاچ ٽيم جوڙي معاملي جي جاچ ڪئي، اها اجچ رپورٽ صوبائي وزير حوالي ڪئي وئي آهي.
سست ادائگين سان رٿا 8 سالن ۾مس مڪمل ٿيندي: جاچ رپورٽ
ڪراچي: جاچ رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ٻوڏ متاثرن کي گھرن جي تعمير جي لاءِ ادائگين وارو عمل تيز ڪيو وڃي، ادائگين جي موجوده رفتار سست رفتاري جو شڪار آهي، انهن ادائگين سان رٿا مڪمل ٿيڻ ۾ 7 کان 8 سال تائين جو وقت لڳي سگھي ٿو.
گھرن واري رٿا ۾ رشوت وٺڻ ۾ بينڪ عملو به ساٿاري بڻيل!!
ڪراچي: عمرڪوٽ ضلعي ۾ گھرن جي تعمير واري منصوبي ۾ رشوت وٺڻ ۾ بينڪ عملو به ساٿاري بڻيل، جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بينڪ جي فوڪل پرسن کي به هٽايو وڃي، جڏهن ته مستقبل ۾ ڪو به فوڪل پرسن مقرر نه ڪيو وڃي، اين جي اوز کي پابند بڻايو وڃي ته اها مستقبل ۾ روزانو جي بنياد تي ادائگين جي فهرست سهولتڪارن جي مداخلت بجاءِ سِڌي ريت بينڪ سان شيئر ڪري.