وفاق ٻوڏ متاثرن جا 40 ڪروڙ ڊالر کيسي ۾ وجهي ڇڏيا، خبر آهي آئيني ترميم آڻڻي آهي، ڌمڪين ۾ نه اينداسين: بلاول

سيپٽمبر 30, 2024

ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ عالمي ادارن کان مليل 400 ملين ڊالرز امداد پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏي، ڄاڻون ٿا ته آئيني ترميم آڻڻ ڏکي آهي، ڪنهن جي به ڌمڪين ۾ نه اينداسين.  هُن پرڏيهي وزير طور عالمي بئنڪ کان 400 ملين ڊالرز گڏ ڪيا، وفاق اُهي ڊالرز پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيا ۽ اسان کي رپيا ڏئي رهيو آهي، ڪوئيٽا ۾ هڪ تقريب  ۽ وڪيلن کي  خطاب دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بلوچستان سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، نواز ليگ سان اتحاد لاءِ معاهدي ۾ پهريون شرط ٻوڏ متاثرن جي بحالي آهي، اهڙي آئيني عدالت ٺاهڻ گهرون ٿا، جنهن ۾ چئني صوبن جي نمائندگي هجي، هاڻي ڪنهن جي ڌمڪين ۾ نه اينداسين، ججز  مقرري جي طريقيڪار ۾ تبديلي ضروري آهي، ڄاڻون ٿا ته آئيني ترميم آڻڻ ڏُکِي آهي، پهرين رڳو وڪيلن جي سياست ٿيندي هئي، هاڻي ججز  جي به سياست ٿي رهي آهي، آئيني عدالت قائم ڪرڻ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو آخري واعدو هو، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ وڪيل ساٿ ڏين، بلوچستان سان ماٽيلن وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مسئلي کي سنجيدگيءَ سان ڏسن. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ امن امان جو مسئلو آهي، بلوچستان عوام ۽ وڪيل دهشتگرديءَ جو نشانو بڻيا، هن صوبي ۾ سمورو نسل متاثر ٿيو.هن چيو ته ورلڊ بئنڪ کان گهرن جي نئين سر اڏاوت لاءِ فنڊنگ جو بندوبست ڪيو، بلوچستان جي عوام جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. هوڏانهن نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول چيو ته حڪومت جي ناڪامي نه چوندس پر آئيني ترميم پيش نه ڪري سگهي، اسان کي اندازو ٿيو ته حڪومت ۽ مولانا جي مسودي ۾ وڏو فاصلو هو، اسان اها ڪوشش ڪئي ته پ پ جي مسودي تي مولانا کي راضي ڪري وٺون، هن چيو ته آئيني ترميم تي اعتراض ڪندڙ ٻڌائن ته هاڻ نه ته پوءِ ڪڏهن؟ دنيا جو ڪو به اهڙو ملڪ ٻڌايو جتي ججز ئي ججز جي مقرري ڪندا آهن؟ هن چيو ته عدالتي سڌارا ميثاق جمهوريت جو حصو آهن 2006ع کان ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پ پ چيئرمين چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پهريون چيف جسٽس هوندو جنهن پنهنجا اختيار گهٽ ڪيا، عمران جي  سدائين آئيني عهدن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش رهي آهي.

Leave A Comment