گاجي کهاوڙ(ن پ ا) گاجي کهاوڙ جي ڳوٺ ميرپور جي رهواسين واهر نه ٿيڻ خلاف محمد حسن ساکاڻي علي اڪبر ساکاڻي، عبدالجبار ساکاڻي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.
هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ کي گذريل مها ٻوڏ تباه ڪري ڇڏيو آهي ٻوڏ کي ڏھ مهينا گذري ويا آهن پر هن مهل تائين ه اين جي اوز يا سرڪار طرفان واهر ناهي ڪئي وئي.
اسان جي گهرن جي سروي به ناهي ڪئي وئي اسان آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون دانهن ڪو به نٿو ٻڌي.