ڪچي ۾ جھيڙو، ھڪ ڄڻو مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي
آڪٽوبر 28, 2023
ٻيلو ويجهو ڪچي جي علائقي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته 2 ڏينهن اڳ ٻارن پاران زمين مان سبزي پٽڻ تان ٻجورا ۽ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو
فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب عبدالله ملاح ٿڏي تي مارجي ويو، بلاول، يعقوب، علي ۽ ارباب ملاح سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز