ٻيلي کاتي بابت پاليسي ٺاهيندڙن جا فرنٽ مينز ئي زمين تي قبضا ڪن ٿا: سنڌ هاءِ ڪورٽ
مَي 11, 2023
سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت رمارڪس ڏنا آهن ته ٻيلي کاتي بابت پاليسي ٺاهيندڙن جا فرنٽ مين ئي قبضا ڪن ٿا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ بينچ سکر ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن اندر ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضن خلاف جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ذوالفقار خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ٻيلي کاتي جو ڪنزرويٽر محمد سليم وسطڙو. ڊي ايف او سکر هوش محمد شر. ڪنزرويٽر لاڙڪاڻو ظفر وساڻ. ڊي ايف او خيرپور ضياءُ الدين لغاري ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا جن عدالت کي آگاهي ڏني ته سرڪار 2023 ۾ نئين پاليسي ٺاهي آهي ته ٻيلي کاتي جي زمين فاريسٽ کانسواءِ ٻي مقصد لاء نه ڏني ويندي ان تي جسٽس ظفر احمدراجپوت چيو ته ٻيلي کاتي جي زمين ڪنهن به خانگي ماڻهو کي نه ڏني ويندي ليز جي آڙ ۾ سمورا وڻ وڍيا وڃن ٿا هن چيو ته ڄامشورو جي پاسي ٻيلي کاتي جي ليز تي ڏنل زمينن تي ڪمرشل لاء وڪرو ڪئي پئي وڃي جسٽس ظفر احمد آفيسرن کي چيو ته هيءَ پاليسي ٺاهيندڙن جي فرنٽ مئنز قبضا ڪيا آهن انهن ئي پاليسي ٺاهي آهي عدالت چيو ته ڪچي جي زمين هزارين ايڪڙ زمين ڪنهن جي قبضي ۾ آهي انهن جا نالا ٻڌايا وڃن عدالت ٻيلي کاتي جي زمينن بابت سرڪار جي نئين پاليسي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي