| ٻين ملڪن جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي: چين |
بيجنگ (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايران تي حملي جي ڌمڪي جي جواب ۾ چين چيو آهي ته اهو بين الاقوامي لاڳاپن ۾ طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪري ٿو. اسان هميشه ڪنهن ٻئي ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي مخالفت ڪئي آهي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ڪنهن به ٻئي ملڪ جي خودمختياري ۽ سلامتي کي بين الاقوامي قانون جي مطابق محفوظ رکڻ گهرجي.