ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته وري ساڳيو رد عمل ايندو، نٿو چاهيان اهڙي صورتحال پيدا ٿئي: عمران خان

مَي 12, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن مونکي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته وري ساڳيو ردعمل ايندو، نه ٿو چاهيان ته اهڙي صورتحال پيدا ٿئي، خدشو آهي ته مون کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي وقت ميڊيا سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي  هن چيو ته گرفتاريءَ کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ٿيڻو هو، ماڻهن پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان  چيو ته منهنجي ضمانت رد ٿي ويندي ته مزاحمت نه ڪندس، حراست دوران نيب جو رويو مون سان سٺو رهيو، ڇا توهان ڄمي بيٺا آهيو يا ڊيل ڪري ورتي آهي؟ صحافيءَ جو سوال، عمران خان جواب ڏيڻ بدران مرڪندو رهيو، توهان جي خاموشي کي سمجهون ته ڊيل ٿي وئي؟ جنهن تي عمران خان جواب ۾ چپن تي آڱر رکي خاموش ٿيڻ جو اشارو ڪيو، عمران خان بايو ميٽرڪ تصديق ڪرائڻ بعد صحافين سان ڏسي وڪٽري جو نشان ٺاهيو.

Leave A Comment