ٻي ڪا زيادتي ناهي ٿي،جيل ۾ رکڻ زيادتي آهي:پي ٽي آءِ عورت ڪارڪن

جُون 2, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي گرفتار ٿيل عورتن جيل ۾ زيادتي وارين ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عورتن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻن جيل مان عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا

طيبه راجا چيو ته توهان کي سوشل ميڊيا جي اڪائونٽس مان مسئلو آهي ته سوشل ميڊيا جا ڪيس داخل ڪيو، ائين سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ ته درست نه آهي

صنم جاويد، عاليه حمزه ۽ ٻين چيو ته آڌي رات جو گهرن مان گهلي آڻڻ کان وڏي عورتن جي ٻي ڪهڙي تذليل ٿيندي

Leave A Comment