ٻٻرلوءِ بعد ڪمون شهيد وٽ به ڌرڻو: ن ليگ اڳواڻ ڳالهين لاءِ پهچي ويا: وڪيلن جو ڪئنال رٿا واپسي تائين اٿڻ کان انڪار

اپريل 24, 2025

سکر/خيرپور(رپورٽ: ممتاز بخاري/فاروق سومرو/عرفان ڦلپوٽو) سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال اڏڻ خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ستين ڏينهن به جاري، ڪمون شهيد، ڏهرڪي، مورو ۽ ٻين هنڌن تي به ڌرڻا، روڊ بند، وزير اعظم جي هدايتن تي نواز ليگ سنڌ جي صدر جون وڪيلن سان ڳالهيون، وڪيلن پاران ڪئنال رٿا ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار، چار نقاطي ايجنڊا حڪومتي وفد حوالي، وزير اعظم کي ٻٻرلوءِ اچي ڳالهيون ڪرڻ جي اپيل، وڪيلن جي حڪومت کي ٻيهر ڏنل 72 ڪلاڪن واري مهلت ختم، وڪيلن جي ڪور ڪاميٽيءَ جو اجلاس اڄ ٿيندو، ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪرڻ سميت مختلف تجويزن تي غور ٿيندو، رپورٽ موجب سنڌو درياءَ تي سنڌ دشمن ڪئنالن واري رٿا خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جو ڌرڻو ستين ڏينهن به جاري رهيو، جڏهن ته ڪمون شهيد ۾ وڪيلن ۽ عام شهرين ذوالفقار جلباڻي، عبدلفتاح سميجو، لياقت ملاڻو، قادر بخش ڀٽي جي اڳواڻي ۾ سنڌ پنجاب دنگ تي ٽينٽ لڳائي ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، قومپرستن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڏهرڪي ۽ مورو ۾ به لڳل ڌرڻا چوٿين ڏينهن به جاري رهيا جنهن ڪري پنجاب ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست جماعتن، سول سوسائٽي، شاگردن، استادن، اديبن، شاعرن توڙي هر مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ پهچي سنڌوءَ تي ڪئنالن واري رٿا کي رد ڪيو، وزير اعظم شهباز شريف جي هدايتن تي نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ٻٻرلوءِ پهچي وڪيلن پاران وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سان ڳالهين لاءِ جوڙيل 14 ڄڻن واري ڪاميٽي سان ملاقات ڪئي، وڪيلن جي ڪاميٽي وفد آڏو چار نقطا پيش ڪيا، جن ۾ پهريون ۽ مک نقطو ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪرڻ جو هو، جڏهن ته باقي 3 نقطن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا آرڊيننس ۽ 26 ترميم شامل آهن، مطالبن جي حوالي سان حڪومتي وفد پاران وڪيلن کي وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، وڪيلن آڇ قبول ڪندي 14 رڪني وفد جي صورت ۾ شهباز شريف سان ملاقات جي حامي ڀري ۽ درخواست ڪئي ته وزير اعظم ٻٻرلوءِ اچي ڳالهيون ڪري، وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائڇ ڳالهين بعد ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو 14 رڪني وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪندو، جيڪڏهن شهباز شريف سکر ۾ اچي ڳالهيون ڪري ته بهتر آهي، اسان جو مک مطالبو 6 ڪئنالن جي خاتمي وارو نوٽيفڪيشن آهي، اسان جا ڌرڻا ئي اِن نوٽيفڪيشن سان مشروط آهن، جيستائين ڪئنال رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويندو، تيستائين ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو ۽ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ جاري رهندو، وزير اعظم سان ملاقات ۾ اسان کي تڪراي، سنڌ دشمن ڪئنال رد ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن ڏنو وڃي، باقي نقطن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، ڪئنال رٿا تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، نوٽيفڪيشن نه ملڻ تائين اسان جا ڌرڻا جاري رهندا، هن چيو ته سنڌو درياهه مٿان 6 ڇا پر هڪ ڪئنال به منظور ناهي، هن جذباتي انداز ۾ چيو ته اسان گذريل ڇهن ڏينهن کان سخت گرميءَ باوجود ڪارا ڪوٽ پهري ڌرڻي ۾ موجود آهيون، اسان جو ڀينرون، ڀائر ڌرڻي ۾ شامل ٿي رهيا آهن پر انهن ماڻهن کي به خدا جو واسطو آهي جيڪي گهرن ۾ ويٺا آهن، اُهي پنهنجي گهرن کي ڇڏي هن ڌرڻي ۾ شامل ٿين ۽ پنهنجي جائز حقن لاءِ اسان سان گڏ آواز اُٿارين، جيڪو سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجهي ٿو، هي ڌرڻو ڌرتي ماءُ جو ڌرڻو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي هن ڌرتي ماءُ کي بچائڻو آهي، وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ کي ڏنل ٻيهر 72 ڪلاڪن وارو اليٽيميٽم ختم ٿي ويو آهي، وڪيلن جي ڪور ڪاميٽي جو ٻيهر اجلاس اڄ منجهند جو ٿيندو، جنهن ۾ ريلوي ٽريڪ بلاڪ ڪرڻ، وفاقي حڪومت پاران ڏنل ڳالهين واري آڇ سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو، ٻئي طرف وزير اعظم جي هدايتن تي ڳالهين لاءِ پهتل بشير ميمڻ چيو ته اسان وزيراعظم جي هدايتن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ آياسين، اسان کي وڪيلن چئن مطالبن واري لسٽ ڏني آهي، جيڪا وزيراعظم آڏو پيش ڪئي ويندي، ايندڙ ملاقات وڪيلن ۽ وزيراعظم وچ ۾ ٿيندي ۽ معاملا طئي ڪيا ويندا، وڪيلن ڳالهيون ٻٻرلوءِ ۾ ڪرڻ جو چيو آهي. اميد آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿينديون.

Leave A Comment