ٻٻرلوءِ جو جوڙو تحفظ لاءِ عدالت پهچي ويو، ڌرين کي نوٽيس جاري

جُولاءِ 3, 2025

خيرپور  (پنهنجي ڊيسڪ)  خيرپور ڀرسان ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد شاهه لڌاڻي مان مبينا  اغوا ڄاڻايل ناري ڪاجل ڌيءَ ڪرشن لعل اوڏ پنهنجي سئوٽ اشوڪ ولد گلشير اوڏ سان پنهنجي وڪيل جي معرفت خيرپور ۾ عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد ناريءَ جي مائٽن جي طرفان ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي ناريءَ ڪاجل اوڏ جي اغوا جي الزامن هيٺ نوجوان اشوڪ اوڏ ۽ سندس مائٽن خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. جنهن بعد پوليس جوڙي جي گرفتاري لاءِ مختلف جاين تي ڇاپا هنيا.

جوڙي ڪاجل ۽ اشوڪ اوڏ طرفان سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ تحفظ خاطر آئيني پٽيشن داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته هنن پنهنجي مرضي سان عدالتي پرڻو ڪيو آهي مگر مائٽ ڪرشن لعل اوڏ،سورج ڪمار اوڏ، مير چند اوڏ، رشيد اوڏ ۽ شبير اوڏ ۽ علائقي جا بااثر کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزامن هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا جنهن ڪري کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچائيون وڃن. عدالت سندن پٽيشن ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ٿاڻيدار، پريالوءِ ٿاڻي جي ٿاڻيدار، ۽ مخالفن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلبي  ورتو آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ

  • چمبڙ ويجهو ٻارڙو پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت