ٻٻرلوءِ ويجهو هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ ڄڻو قتل، هڪ مرڻينگ

مَي 18, 2023

خيرپور(رپورٽر) ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ وسريو واهڻ ڀرسان نامعلوم ھٿيار بندن گوليون هڻي عبدالحميد ولد الھڏتو اتيرو کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته مشتاق مهر زخمي ٿي پيو جنهن کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول عبدالحميد اتيرو ۽ مشتاق مهر موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فيض واهه کان ڳاڙهي موري وڃي رھيا ھئا ته رستي ۾ نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب عبدالحميد  ۽ مشتاق مهر سخت زخمي ٿي پيا

زخمين کي فوري طور سکر اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته عبدالحميد رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ساٿي مشتاق مهر کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي

ٻٻرلوءِ جو چوڻ آهي ته جاچ ڪري رهيا آهيون ته واقعو ڪهڙي ڪارڻ پيش آيو آهي

Leave A Comment