ٻٻرلوءِ ڌرڻو 12 ڏينهن بعد ختم: ٽريفڪ بحال: ڪارپوريٽ فارمنگ تي حڪومت ۽ وڪيلن وچ ۾ 13 مئي تي ڳالهيون
اپريل 30, 2025
سکر/خيرپور(رپورٽ: ممتاز بخاري، فاروق سومرو ۽ عرفان ڦلپوٽو) ٻٻرلوءِ باءِ پاس، ڪمون شهيد سميت سمورن هنڌن تي لڳل ڌرڻا ختم ٿي ويا، گهرو وزير پاران ڪارپوريٽ فارمنگ واري معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ جي خاطري، وڪيلن ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا رد نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر ڌرڻو هڻڻ توڙي سي ايم هائوس آڏو احتجاج ڪرڻ ۽ هر سال 17 اپريل تي جشن سنڌ ملهائڻ جو اعلان، تفصيل موجب گھرو وزير ضياءُ لنجار سان ملاقات کان پوءِ وڪيلن پاران ٻٻرلوءِ ڌرڻو به ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ ، ڪراچي هاء ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو، آل سنڌ لاير ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر رحمان ڪورائي، سيد جعفر شاهه ۽ ٻين وڪيلن گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران ڪئنالن وارو منصوبو ختم ڪرڻ، صوبائي حڪومت پاران ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا ختم ڪرڻ جي خاطري کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هنن چوي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان صوبائي حڪومت سمورا ڪاغذ، دستاويز فراهم ڪندي جن جو جائزو وٺڻ بعد 13 مئي تي وڪيلن جي جوڙيل ڪميٽي صوبائي حڪومت جي نمائندن سان گڏجاڻي ڪندي، جنھن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ بابت سنڌ حڪومت آڏو ڪيس رکنداسين ۽ ان بابت تمام معاملات طئي ڪنداسين. ھنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ قبول نه ڪنداسين، جيڪڏهن اسان جا معاملات طئي نه ٿيا ته پوء اسان آئينده جي حڪمت عملي جوڙي ويندي هر صورت ۾ ڪئنال واري منصوبي جيان ڪارپوريٽ فارمنگ وارو منصوبو به ختم ڪرائڻ کان پوءِ سک جو ساهه کڻنداسين. ڌرڻي کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق سان ٿيندڙ ڳالهين دوران صوبائي حڪومت جو رابطو نه ڪيو هو. ميٽنگ بعد صوبائي حڪومت پنهجي نمائندي کي موڪليو، گهرو وزير سان ميٽنگ ٿي. جنهن کي واضع ٻڌايو ويو ڪارپوريٽ فارمنگ نه گهرجي، ڪارپوريٽ فارمنگ متعلق سمورا ڪاغذ حاصل ڪري جائزو ورتو ويندو. 13 مئي تي صوبائي حڪومت سان ميٽنگ ٿيندي. جنهن ۾ ان معاملي تي ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته پوري سنڌ جي عوام، هر مڪتب فڪر جي ماڻهن، اڳواڻن، نياڻين سميت سڀني جي مهرباني جن بهادري سان تاريخي جدوجهد ۾ حصو ورتو. هن چيو ته بارڊر جي صورتحال ۾ ملڪي سالميت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. سنڌو جو پاڻي کڻڻ جي ڀارت کي به پاڻي کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. حڪومت کي واضع چيو آهي ته وڪيلن تي داخل ڪيس واپس، ۽ چوري ٿيل موبائيل، موٽر سائيڪل واپس ڪرايون وڃن. رحمان ڪورائي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ ۾ جيڪي زمينون ليز تي ڏنيون ويون انهن جا ڪاغذ ڏسنداسين. 12 ڏينهن اندر صوبائي حڪومت سان ميٽنگ ٿيندي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال گڏيل مسئلو آهي. حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. الله سائين تاريخي ڪاميابي ڏني آهي. هر سال 17 اپريل کي جشن سنڌ ٻٻرلوءِ ۾ ملهايو ويندو. اڳواڻن چيو ته پوري سنڌ جي ڪاميابي آهي. ڪريڊٽ ڪنهن کي به ڏيو پر حقيقت ۾ عوام جي فتح آهي. ڌرڻي ختم ڪرڻ جي اعلان تي زبردست آتش بازي ۽ فائرنگ ڪئي وئي. لائرز ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر رحمان ڪورائي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته گهرو وزير سان ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان وڪيلن توڙي سنڌ جي خدشن بابت ڳالهيون ٿيون. جنهن ۾ سنڌ حڪومت طرفان ٻڌايو ويو ته اسان سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي سان ڪابه زمين ليز تي ناهي ڏني. وڌيڪ سموريون ڪاغذي ڪارروائين بابت وڪيلن جي ڪاميٽي کي آگاهه ڪرڻ سان گڏ دستاويزي ثبوت فراهم ڪيا ويندا. جنهن جو وڪيل جائزو وٺي 13 مئي تي سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪندا، ڳالهين بعد وڪيلن جي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي دستاويزن بابت رپورٽ پيش ڪئي ويندي ۽ آئنده جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي خاتمي تائين وڪيلن جي جدوجهد جاري رهندي ڇاڪاڻ ته سنڌو مٿان نوان ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ٻئي گڏيل اشو آهن. ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس ٿيڻ کانپوءِ ڪارپوريٽ فارمنگ وارو ڪاغذي ڪم ٿي ويو آهي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي.