| ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس ڪڙڪي پئي، مغوي ٻارن جي وارثن ۽ اڳواڻن مٿان تشدد، 30 ڄڻا گرفتار: مظاهرا |
ٻٻرلوءِ (رپورٽ: عمران مستوئي) سنڌ مان گم ۽ اغوا ٿيل 27 ٻارڙن جي بازيابيءَ لاءِ ٻٻرلوءِ وٽ لڳل ڌرڻي تي پوليس ڪڙڪي پئي، مغوي ٻارن جي وارثن، پريا ڪماري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ صحافين سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا، پوليس سهڻي پارس، لياقت جلباڻي، سردار سولنگي، ساحل جوڳي، اجالا پروين سولنگي جو والد شمس الدين سولنگي ۽ ٻارن جي وارثن سميت حراست ۾ ورتل سمورن ماڻهن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، جن مان بعد ۾ ساحل کي آزاد ڪيو ويو، پوليس 27 ڏينهن کان لڳل ڌرڻي واري ڪيمپ پٽي ڇڏي، ايس ايس پي سکر اظهر مغل ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن رات اڍائي وڳي ڌرڻي تي چڙهائي ڪئي، ان وقت برسات به جاري رهئي، پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻ لياقت جلباڻي ۽ ٻين کي گهلي گرفتار ڪرڻ وارا فٽيجز به سامهون اچي ويا، جڏهن ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي چڙهائي کان اڳ سکر ۽ خيرپور جي ايس ايس پيز جون پريا ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سهڻي پارس سان ڳالهيون ڪيون ويون، سهڻي پارس چيو ته هٿ ٻڌي چوان ٿي، پريا ڪماري کي وٺي اچو، اسان هاڻي ئي ڌرڻو ختم ڪيون ٿا، ايس ايس پي امير سعود مگسي چيو ته ڌرڻي سبب روڊ تي ڦاٿل مسافر به هٿ ٻڌي چون ٿا ته روڊ کولرايو، سهڻي پارس سوال ڪيو ته مسافرن جو معاملو وڌيڪ اهم آهي يا اسان جي ٻارن جو ؟ ايس ايس پيز جون سهڻي پارس سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد ڌرڻي واري هنڌ جي بجلي بند ڪري ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو. جڏهن ته ڌرڻو ختم ڪرائڻ بعد ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي ۽ ڌرڻي واري هنڌ تي پوليس اٽالا بيٺل آهن، جيڪي ڪنهن کي به اتي اچڻ نٿا ڏين.
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ بار ڪائونسل ۽ ڪراچي بار پاران ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس جي چڙهائي جي مذمت، اڄ عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو به اعلان ڪيو ويو آهي، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري غيرقانوني طور طاقت جو استعمال ڪندڙ ذميوار پوليس عملدارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي، گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي ۽ وارثن کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن. هوڏانهن ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس چڙهائي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڌرڻا هنيا ويا، گرفتار ڪيل ٻارڙن جي وارثن، اڳواڻن ۽ صحافين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، حيدرآباد باءِ پاس تي نوجوانن پاران ڌرڻو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس جي وڏي نفري پهچي روڊ کولرائي ڇڏيو، ڪيترائي نوجوان گرفتار ڪيا ويا، ڪنڌڪوٽ ۾ به ايس ٽي پي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي، لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ۾ وڪيلن احتجاج ڪيو، ڪراچي، سکر، پنوعاقل، ڪوتڙي، ميرپورخاص، شهدادڪوٽ، ميهڙ ۽ ٿرڙي محبت ۽ ٻين شهرن ۾ به سياسي سماجي اڳواڻن پاران مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن چيو آهي ته فوري طور گرفتار ڪيل اڳواڻن کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ ڌرڻا هنيا ويندا.
| گرفتارين بعد ڪنڊيارو ۽ حيدرآباد ۾ ٿاڻن اندر به احتجاج |
حيدرآباد/ڪنڊيارو: گرفتارين بعد ٿاڻن اندر به احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ نظير قريشي ۽ ڪنڊيارو ۾ سنڌو نواز ٿاڻي اندر احتجاج ڪيو، حيدرآباد جي عورت اڳواڻ نظير قريشي ٻٻرلوءِ ڌرڻي مان گرفتارين خلاف نسيم نگر ٿاڻي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهي، نظير قريشي چيو ته ٻٻرلوءِ مان گرفتارين خلاف حيدرآباد ۾ لڳايل اسان جو ڌرڻو به طاقت جي زور تي ختم ڪيو ويو، پوليس وارا ڪلاشنڪوفون کڻي ائين آيا ڄڻ اسان وڏا دهشتگرد هجون، ٻٻرلوءِ مان کنڀيل ٻارن جي وارثن ۽ اڳواڻن جي واپسيءَ تائين احتجاج جاري رهندو، نظير قريشي ٿاڻي مان ويهي مدد لاءِ وڪيل اڳواڻن کي فونون به ڪيون.
صحافين کان موبائل فون کسيا ويا
ٻٻرلوءِ: صحافي حيدر مستوئي، سلطان رند، تاج رند ۽ عامر جوڳي کان پوليس مبينا طور موبائيل فون کسي ورتا، صحافي ساحل جوڳي کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو.
“پاڪستان زنده آباد چئو” ايس پي
ٻٻرلوءِ: ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي ٻٻرلوءِ ڌرڻي وٽ پهتو ته نعرن تي به اعتراض ڪيو، هن چيو ته آزادي جا نعرا نه هڻو، ايس ايس پي احتجاج ڪندڙن کان پاڪستان زنده آباد جا نعرا هڻايا، احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان پنهنجي ٻچڙن جي آزادي جا نعرا هڻي رهيا آهيون، پنهنجي ٻچڙن جي آزادي گهري رهيا آهيون. ايس ايس پي کين چيو ته پاڪستان زنده آباد جا نعرا هڻو.