ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي ڪاهه بدترين فاشزم جو ثبوت آهي: ام رباب

ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي ڪاهه بدترين فاشزم جو ثبوت آهي: ام رباب

ميھڙ (ن پ ا) انساني حقن جي اڳواڻ ام رباب چانڊيو ٻٻرلو باءِ پاس تي پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي پرامن ڌرڻي تي پوليس پاران رات جي اونداهي ۾ ڪيل ڪاروائي، تشدد ۽ وڪيلن، صحافين، سماجي ڪارڪنن سميت معصوم ٻارن جي والدين جي گرفتارين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وڊيو بيان ۾ چيو ته پنهنجي جگر جي ٽڪرن جي محفوظ بازيابي لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ شهرين تي لاٺي چارج ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ رياستي ناڪامي ۽ بدترين فاشزم جو ثبوت آهي هن پوليس ۽ صوبائي انتظاميا جي رويي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته پنهنجن حقن ۽ ٻارن جي سلامتي لاءِ آواز اٿارڻ ڪو ڏوهه نه، پر هر شهري جو آئيني ۽ قانوني حق آهي، ۽ مظلومن کي دٻائي حق جي آواز کي خاموش نٿو ڪري سگهجي.