ٻٻرلوءِ ۾ ٻارن جي بازيابي لاءِ ڌرڻو هڻندڙ 150 ڄڻن تي دهشتگردي ڪيس: گرفتار اڳواڻ گم

ٻٻرلوءِ ۾ ٻارن جي بازيابي لاءِ ڌرڻو هڻندڙ 150 ڄڻن تي دهشتگردي ڪيس: گرفتار اڳواڻ گم

ٻٻرلوءِ (رپورٽ: عمران مستوئي) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پريا ايڪشن ڪميٽي پاران پريا ڪماري، اجالا سولنگي سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان گم ٿيل 27 معصوم ٻارڙن جي بازيابي لاءِ لڳل احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرائڻ، گرفتاريون ۽ مبينا تشدد کانپوءِ ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 13 سڃاتل ماڻهن سميت 150 اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، ايف آءِ آر موجب نامزد جوابدارن ۾ پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سهڻي پارس، پنهل ساريو، گل حسن کوسو، سردار سولنگي، جبار شيخ، شهناز شيخ، مٺل کهڙو، شمس الدين سولنگي، ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ قومي جهنڊي جي مبينا توهين، سرڪاري ڊيوٽي ۾ مداخلت، پوليس تي پٿراءُ، قومي شاهراهه بند ڪرڻ، امن امان ۾ خلل وجهڻ ۽ ٻين مختلف قانوني قلمن هيٺ الزام هنيا ويا آهن، هوڏانهن ڌرڻي دوران پوليس پاران گرفتار ڪيل پريا ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر لياقت جلباڻي بابت نئون تڪرار سامهون آيو آهي، پوليس اختيارين سندس گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو آهي ته لياقت جلباڻي سندن تحويل ۾ ناهي، جڏهن ته داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ به سندس نالو شامل به نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس وارث ۽ ساٿي سندس محفوظ بازيابي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.