| ٻٻرلوءِ ۾ پريا ڪماري، اجالا سولنگي ۽ ٻين ٻارن جي بازيابي لاءِ ڌرڻو |
ٻٻرلوءِ (ن پ ا) پريا ايڪشن ڪميٽي ۽ گم ٿيل معصوم ٻارڙن جي وارثن پاران پريا ڪماري، اُجالا سولنگي، صبا ڪلهوڙو، نويد لاشاري، آصفه مغل، خوشي مهر ۽ ٻين گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي قائم احتجاجي ڪئمپ ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري رهيو. احتجاجي ڪئمپ ۾ سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي ۽ شهري حلقن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته قومي شاعر زاهد شيخ قومي گيت پيش ڪري احتجاج ڪندڙن جو حوصلو بلند ڪيا، ان موقعي تي گم ٿيل ٻارڙن جي وارثن راج ڪمار، شمس الدين سولنگي، عبدالرزاق لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت معصوم ٻارڙن جي بازيابي واري معاملي ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هنن چيو ته سخت گرمي باوجود پنجن ڏينهن کان پرامن احتجاج جاري آهي، پر سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن طرفان نه ڪو نوٽيس ورتو ويو آهي ۽ نه ئي وارثن سان ڪو رابطو ڪيو ويو آهي، احتجاج ۾ شريڪ صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پڻ سنڌ ۾ ٻارن جي گمشدگين ۽ مبينا اغوا جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معصوم ٻارڙن جي معاملي جو فوري نوٽيس وٺي گم ٿيل سڀني معصوم ٻارڙن کي جلد کان جلد بازياب ڪيو وڃي، هنن چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته ايندڙ مرحلي ۾ ٻٻرلوءِ قومي شاهراهه مڪمل طور بند ڪري تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن جي سموري ذميواري حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن تي هوندي.