| ٻٽي شهريت رکندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽن ۽ اليڪشن ڪميشن تي اتفاق ناهي ٿيو: بلاول |
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پيپلزپارٽي آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم جي حمايت جو فيصلو ڪيو آھي، آئيني عدالتون ٺهڻ گهرجن، سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ججن جي بدلين سميت 27هين ترميم جا 3 نقطا منظور ڪيا ويا، ڪالھه سي اي سي اجلاس کانپوءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ به آئيني عدالت جو ذڪر آهي، ميثاق جمهوريت جي ٻين شقن تي به اڳتي وڌائڻ گھرجي، آئيني عدالت جو تصور پيپلزپارٽي جي منشور جو حصو رهيو آهي پيپلزپارٽي اصولي طور آئيني عدالت جي حق ۾ آهي، هن چيو ته هاءِ ڪورٽن جي ججن جي مقرري ۽ بدلي بابت حڪومت جي تجويز آهي ته اهو فيصلو پارلياماني ڪاميٽي ڪري، اسان جي تجويز آهي ته جوڊيشل ڪميشن لاڳاپيل هاءِڪورٽن جي چيف جسٽسن سان صلاح مشوري سان بدلي جو فيصلو ڪري، بدلي ٿيندڙجج جي راءِ به ورتي وڃي، ھن چيو ته آئين ۾ آھي ته اين ايف سي تحت صوبن جا فنڊ وڌي سگهن ٿا پر گهٽائي نٿا سگهجن، هن چيو ته ميثاقِ جمهوريت جي ٻين نقطن تي پڻ ڳالهه ٿيڻ گهرجي، پوءِ 27هين ترميم جي ٻين شقن تي به اتفاقِ راءِ آڻي سگهجي ٿو، ھن چيو ته آئين مطابق صدر پاڪستان چيف جسٽس جي صلاح سان ججن جي بدلي ڪري سگهي ٿو، اسان انھي ۾ ترميم تي وفاق کي پنهنجي تجويز و ڏينداسين، هن چيو ته سينٽرل ڪاميٽي ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ ڪامورن کي ملازمت يا نوڪري مان هڪ جي چونڊ ڪرڻ، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽن جي بحالي توڙي اليڪشن ڪميشن بابت اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو، هن چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ ترميم سان صدر جا اختيار متاثر نه ٿيندا، نه ئي سول سپرميسي (سول بالادستي) يا جمهوريت کي ڪو نقصان نه ٿيندو، جيڪڏهن جمهوريت يا سول بالادستي کي نقصان پهچي ها ته اسان پاڻ مخالفت ڪريون ها، هن چيو ته 18 ترميم جا عوام تي مثبت اثر نه پون ھا ته پوءِ انھي کي بچائڻ لاءِ ايڏو عوامي رد عمل ڇو اچي پيو؟ وفاق ۾ ڪجهه بيوروڪريٽ يا ايف بي آر جھڙا ادارا پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ اين ايف سي پويان لڪندا پيا وڃن، هن چيو ته پ پ بلدياتي نظام کي آئين ۾ تحفظ ڏياريو، اسان غير جماعتي مڪاني اليڪشن جا مخالف آھيون، ڪي پي جو بلدياتي نظام ۽ پنجاب جو بلدياتي ايڪٽ ڏسو، سنڌ جو بلدياتي نظام سياسي ۽ انتظامي طور وڌيڪ مضبوط آهي. نواز ليگ 27 ترميم ۾ بلدياتي نظام جي حوالي سان ڪا ڳالهه ناھي ڪئي، پنجاب اسيمبلي لاھور جي ميئر جي پوزيشن ئي ختم ڪري ڇڏي آھي، جيڪڏهن اسان ميئر ڪراچي جي پوزيشن ختم ڪريون ھا ته هتي ئي ري ايڪشن اچي وڃي ھا، ان کان اڳ سي اي سي جو ٻئي ڏينهن وارو اجلاس ٽي ڪلاڪ جاري رھيو، اجلاس ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني به شرڪت ڪئي.