| ٻٽي شهريت يا نوڪري؟ وفاقي حڪومت پاران سرڪاري ملازمن لاءِ نئين آئيني ترميم تجويز |
اسلام آباد(م ڊ) سرڪاري ملازم کي ٻٽي شهريت يا نوڪري مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي، وفاقي سرڪار 27هين ترميم ذريعي آئين ۾ نئون آرٽيڪل شامل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب وفاقي سرڪار تجويز ڏني آهي ته پبلڪ آفيس هولڊر ٻٽي شهريت نٿو رکي سگهي ته سول سرونٽ ڇو رکي؟ ترميم لاءِ آئين جي آرٽيڪل 63 ون سِي جو حوالو ڏنو ويو، ذريعن موجب پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي اجلاس دوران ان تجويز تي غور ڪيو ويو.